Friday, July 10, 2020

لاحاصل

لاحاصل

ذيشان علي سولنگي


عارضو بار بار ڪير ڪري
دل رفو بار بار ڪير ڪري……!

ھن جي آڏو ايندي اي لڱ ٿڙڪڻ شروع ٿي وڃن ٿا، نرڙ تي پگھر اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، اکيون وقت جون واڳون پنھنجي وس ڪري ان کي بيھارڻ ۾ جنبي وڃن ٿيون، دل بيبس ٿي عشق جي ديوتا آڏو سر نمائي ھن جي حاصل جي التجا ڪرڻ لڳي ٿي ۽ اچانڪ دنيا جو شور اکين کان وقت جون واڳون ڇڏائي وٺي ٿو، پگھر کي ھوا ڀاڪر ۾ ڀري ڏور کڻي وڃي ٿي ۽ دل جي آڏو عشق جي مورت ڀُري ڀورا ڀورا ٿي پوي ٿي ۽ باقي آءٌ، ورھاست ۾ بچيل پاڇي، پنھنجا قدم ڊپارٽمينٽ طرف کڻڻ شروع ڪيان ٿو.


ملڻ جي جستجو، پيار ڪرڻ جا سپنا ۽ لاحاصل ھئڻ جو سچ ذھن کي جنجهوڙي وجھي ٿو. 
جستجو، ھن کي حاصل ڪرڻ جي.
سپنا، ھن جي گلاب جي گلن جھڙن سنھڙن لبن سان پيار ڪرڻ.
ھن جي ريشمي وارن سان کيڏڻ، ڪائنات جو ڏيک ڏيندڙ وسيع اکين جي گھرائي کي ماپڻ ۽  ڊگھيون اڻ کٽندڙ ڪچھريون جن ۾ اھڙي دنيا جو وجود رکڻ جنھن ۾ فقط پيار، محبت، ھجي. جتي نفرت جي ڪا رات نه ٿئي ۽ عشق جو ڪڏھن ڪو سج نه لھي.
۽ لاحاصل جو سچ جو زلزلو سمورن جذبن کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو.
منھنجا قدم لطيف ورسٽي جي سينٽرل لائبريري جي آڏو رڪجي وڃن ٿا ۽ سي ايل، ڪنھن ماءُ جيان اسان کي سيني سان لڳائڻ گھري ٿي. تڪڙا قدم کڻي سي ايل ۾ پاڻي جي ڪولر طرف وڌان ٿو ۽ خالي ڪولر اڃ کي وڌيڪ ھٿي ڏئي ٿو.ڀلا ڪرپٽ انتظاميا جي ظلمن جي شڪار ٿيل ھن امڙ جي ٿڃ ڪيئن ڀريل ٿي سگھي ٿي !؟
گرمين ۾ خيرپور ته اڳئين ويڳي ماءُ بڻجي پوي ٿو ۽ ڪرپٽ انتظاميا ظالم وڏيري جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي پر ڇا ڪجي علم جو ھي صفر ايترو سھنجو، سولو به ته ناھي !
سي ايل جا ڪولر خالي ڏسي نٽھڻ اس ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ طرف وڃڻ لڳان ٿو جتي ٽيون ڪلاس شروع ٿيڻ وارو آ. 
۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھو منھنجي ڀر سان گذري اڳتي وڌي ٿي. ھن کي ڏسي حاصل ۽ لاحاصل جي جنگ ٻيھر ڇِڙي پئي ٿي. ھن جي پويان پويان ھن سان ھن دفعي اظھار جو پڪو پھ ڪرڻ جو ارادو لاحاصل کي ٿڏي دور ڪري ٿو. اظھار جي انھي فيصلي قدمن ۾ ٿورڙي تيزي آڻي ۽ ھن جي وک سان وک ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيس، پر اڃان وڃائڻ جو خوف مون تي پوري طرح حاوي ھيو، اظھار جي پڪي پھ ھوندي به جسم انڪاري ٿي پيو. مختلف سوچون ذھن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ويون. ھڪ طرف سري عام خواري ۽ رسوائي جو خوف ته ٻئي طرف حاصل ڪرڻ جي جستجو. سوچن جي ڇڙ وڇڙ ۾ ڪڏھن ڊپارٽمينٽ وٽ پھتس پتو ئي نه پيو !
نيٺ ھو ڊپارٽمينٽ جا ڏاڪا چڙھي ته سامھون پروفيسر ھن کي اندر اچڻ لاءِ اشارو ڪيو جنھن سان معلوم ٿيو ته ڪلاس شروع ٿيڻ وارو آھي. دل پوري زور سان ڌڙڪي پئي. پگھر ۾ پورو جسم پاڻي ٿي ويو ھو مان جسم جي سڄي طاقت گڏ ڪري نيٺ ھن کي سڏ ڪيم ته آواز نڙيءَ مان نڪرڻ کان سخت انڪار ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن در بند ٿيڻ جو آواز کنوڻ وانگي اچي وجود تي ڪريو ۽ حاصل جي جستجو کي ھڻي ڌوڙ ڪري وڌائين.
ڀلا جنھن ويڙھ ۾ لاحاصل جا ساٿي، رسوائي ۽ انڪار جو خوف، اوچ نيچ، ذات پات ۽ پنھنجا رشته شامل ھجن ته اتي ڀلا حاصل به ڇا حاصل ڪري سگھي ٿو ؟
جسم ۾ آيل انھي اوچتي زلزلي کي شانت ڪري، اندر، سامھون پيل ڪولر مان پاڻي پئڻ کان پوءِ وجود کي ويڙھي سيڙھي سامت ۾ آڻي ڪلاس ۾ اندر وڃڻ لڳس، در کي ناڪ ڪيم ته سر در اندر اچڻ کان منع ڪري در کي زور سان بند ڪري ڇڏيو پر سامھون ھن جون وري اکيون اکين سان وڃين لڳيون.
۽ لاحاصل ۽ حاصل جي جنگ ٻيھر جاري ٿي پئي…….!

No comments:

Post a Comment