ڀاڪر
ذيشان علي
سولنگي
ھن پڇيو بدلي ۾ ڇا کپي توکي؟ منھنجي وجود تي کنوڻ اچي لڳي... منھنجو ذھن سن ٿي ويو.. زبان ۾ جھڙو لڦون ھجن جو ڪجھھ ڪڇي ئي نھ پيو سگھان تھ ھا مون کي توکي پنھنجي سيني ساڻ لڳائڻو آھي... مون کي توسان ڀاڪر پائڻو آھي!
اسان کي ڳالھانئيندي کوڙ مھينا
ٿي ويا ۽ ڪڏھن دل ھن جي زلفن ۾ اچي قيد ٿي وئي مون کي ڪل ڪون پئ ۽ جڏھن خبر پئي تھ
مان پھريون کان ئي ھن جي اکين جي ڪُنَ ۾ غرڪ ٿي ويو ھيس.اسان روز ڳالھڻ شروع ڪيو
سي... پھريون ٽيڪسٽ پوءِ ڪال تي ۽ وقت ڪيئن سيڪنڊن مان منٽن ۽ منٽن مان ڪلاڪن ۾
تبديل ٿيڻ لڳو ڪڏھن خبر ڪون پئي ... ھڪ مدھوشي شائجي ويندي آھي جڏھن ھن جو آواز
منھنجي ڪنن تي پوندو آھي.
ھوءَ جڏھن کلندي آھي تھ باغن
۾ مئل گلن ۾ ساھ پئجي ويندو آھي.. پکي ھن جي آس پاس اچي گڏ ٿيندا آھن ۽ پوپٽ گلابن
کي ڇڏي ھن جي وارن تي وھندا آھن. ھن جي وک وک تي گلاب پنھنجا گل آڇيندا آھن. جڏھن
رات ٿيندي آھي تھ چنڊ آڳر مان اچي کي
پنھنجي روشني ڏيندو آھي... تارا ھن کي ڏسي جھرمر جھرمر جھومندا آھن ۽ جڏھن ھوءَ
منھنجي ڀرسان گذرندي آھي تھ وقت بيھي رھندو آھي...
اھيو مونکي ان ڇوڪريءَ سيکاريو
تھ مرد ڀلي جبل جيان ڇونھ مضبوط ھجي پر پسنديدھ عورت ھن کي ڦوڪ سان نست و نابوت
ڪري ڇڏيندي آھي.. اھيو مونکي ان ڇوڪري سيکاريو تھ سپاھي پنھنجا ھٿيار پنھنجي محبوبا
جي موجودگيءَ ۾ ڇو اڇلائي ڇڏيندا آھن. اھيو مون کي ان ڇوڪريءَ سيکاريو تھ عشق
پوڙھو ناھي ٿيندو نھ عشق پھريون دفعو ٿيندو آھي پر عشق ھميشھ کان موجود آھي ۽ ھر دفعي
ٿيندو ۽ ھر ان سان ٿيندو جيڪا ان جھڙي آھي.
مون پنھنجي منھن کي ھٿن سان
ڍڪي ڇڏيو. مون ۾ سگھھ نھ ھئي تھ ان کي اکيون ملائي چئي سگھان تھ مون سان ملي ھڪ ٿي
وڃ. ھڪ جنھن جو ڪو حصو نھ آھي. ھڪ جيئن زمين ھڪ آھي. ھڪ جيئن ڌرتيءَ کي چنڊ ھڪ
آھي. ھڪ جيئن خدا جو وجود آھي.. ھڪ جيئن روح ۽ جسم... ائين ھڪ ٿي وڃ جيئن اسان
ڪڏھن ٻھ نھ ٿي سگھون...
مون موبائل کئين ۽ ھن کي
ٽيڪسٽ ڪيم... مون کي ڀاڪر جي موڪل ڏي... ھن موبائل تي ٽيڪسٽ ڏٺو ۽ جواب ۾ ھاڪار جو
اظھار ڪيائين... ھوءَ منھنجي ويجھو ٿي بيٺي... مون پنھنجوم ٻاھون ھن جي گلي ۾ ھارن
جيان پاتيون... ائين لڳو ڄڻ ست جنمن کان سڪايل ھجان... ست جنمن کان ان پل جو
انتظار ھجي... اھڙو پل جنھن کان خدا جيڪڏھن ماري بھ ڇڏي تھ بھ ڪا ميار نھ رھي
باڪي...
مون ھن کي زور سان پنھنجو
ڪيو... ھن جي وارن جي خوشبو ھن دنيا جي نھ ھئي... فرشتا ھن جي وارن کي سنواريندا
آھن. جنت مان انمبر ايندو آھي جنھن سان ھن جي وارن کي سنواريو ويندو آھي.
ھن جلدي ۾ پاڻ کان الڳ ڪيو...
ائين لڳو ڄڻ بکئي کان ماني کسجي وئي ھجي.. مون ھن کي ٻيھر ڀاڪر۾ ڀريو... زور سان ڀاڪر ھن دفعي...ھن جي ڀاڪر ۾
ھاڻ مان مري سگھان ٿو...ھن کي جڏھن مون ڀاڪر ۾ ڀريو تھ ان وقت منھنجي زندگيءَ جون
سڀ مرادون جھڙو پوريون ٿي ويون ھجن... ائين لڳو منھنجو سڀ دعائون جيڪي ڪڏھن پوريون
نھ ٿيون تن سڀني جو ڦل مون کي ھن جي ڀاڪر جي صورت ۾ اللھ بخشي ڇڏيو ھجي!



