Wednesday, September 22, 2021

محبت : خواهش ۽ احساس

محبت : خواهش ۽ احساس

ذيشان علي سولنگي


انسان ٻه شيون ڪري سگهي ٿو محبت کي سمجهڻ لاءِ؛ هڪ يان ته هو پاڻ محبت ڪري، يا ٻي صورت ۾ هو ٻين جي محبت کي محسوس ڪري. ٻنهي صورتن ۾ هو محبت جي اثر کي سمجهي سگهي ٿو ساڳي طرح جيئن ڪو سگريٽ نوشي ڪري ۽ دونهون ان جي ڦڦڙن مان نڪري سامهون واري جي ساهه ۾ شامل ٿي وڃي. ٻنهي صورتن ۾ ٻنهي تي سگريٽ جو اثر ٿيندو آهي. بهتر لکجي ته پيئڻ واري کان وڌيڪ سنگهڻ واري تي وڌيڪ سگريٽ جو اثر ٿيندو آهي. ساڳي طرح محبت ڪرڻ واري کان ڏسڻ وارو وڌيڪ تڙپندو آهي.

تڙپ، بٺيءَ جي باهه وانگي هوندي آهي. بٺيءَ ۾ ڪچي سر پڪي ٿيندي آهي ۽ تڙپ ۾ محبت مضبوت ٿيندي آهي. فرق صرف اهيو آهي ته بٺيءَ ۾ ڪاٺ ٻرندو آهي ۽ محبت ۾ خواهش ۽ احساس. خواهش، حاصل ڪرڻ جي، ۽ احساس ان شخص، شئي، يا مڪام جي پوري ٿيڻ جو.

خواهشون انيڪ هونديون آهن. جنهن ڏينهن خواهش جو انت ايندو آهي ان ڏينهن يا ته انسان ڄمندو آهي يا ته وري مرندو آهي. انسان جي سيني ۾ ته دل ڌڙڪندي آهي پر ان جي ذهن ۾ خواهشون ڊوڙنديون آهن. هي ساڌو، جوڳي، جيڪي سڀ ڪجهه تياڳي خواهشن جو انت آڻيندا آهن اصل ۾ اهي مرڻ کان اڳ مرندا آهن جيئن انهن کي زندگيءَ جي ڏکين مرحلن مان نه گذرڻو پئي جيئن هڪ عام ماڻهو گذروندو آهي. ڪجهه ساڌو يا فقير جيڪي سڀ ڪجهه تياڳي ماڻهن کي خدا جو قرب يا تاحيات رهڻ وارو سڪون حاصل ڪرڻ سيکاريندا آهن ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اهي خود خدا کي حاصل ڪرڻ جي خواهش يا تاحيات رهڻ واري سڪون جي خواهش ۾ محو آهن؟ نه ته ٿيڻ ائين گهرجي ته سڀ ڪجهه تياڳ ڪرڻ لاءِ خود ڪوشي ڪري ڇڏين!

ائين ممڪن نه آهي. خواهش ختم هڪ صورت ۾ ٿيندي آهي يا ته مري وڃو يا خود ڪشي ڪري ڇڏيو. ڇو ته خواهشون ئي اصل جسم جو روح هونديون آهن. عام انسان کي عام خواهشون هونديون آهن جڏهن ته خاص انسان کي خاص. ۽ اهيا چونڊ ئي هوندي آهي جيڪا انسان کي خاص و عام بڻائيندي آهي.

احساس، انسان ۾ رت جو ڪم ڪندو آهي. جيئن جسم جو سڄو ڪنٽرول دماغ وٽ هوندو آهي پر اهو ڪجهه ئي منٽن ۾ ختم ٿي ويندو جيڪڏهن ان ڏانهن رت جي وهڪري کي بند ڪيو وڃي. خواهش ۽ احساس جو به رشتو، ان رت ۽ دماغ وارو آهي. ٻئي هڪ ٻئي جي ضرورت آهن. جيئن دماغ رت کي ضابطي ۾ رکندو آهي ائين ئي خواهشون احساسن کي حد ۾ رکنديون آهن.جيئن جيتري خواهش، احساس به اوترو گهرو.

محبت جي خواهش به ڏونگر ڏارڻ جهڙي هوندي آهي ۽ حاصل ٿيڻ جو احساس به آسمان جيڏو ٿيندو آهي. هاڻ محبت ضروري ناهي ته انسان سان ئي ٿئي. جيئن اسان وٽ اڪثر ان کي انسان کي انسان سان ڪرائي ويندي آهي. منهنجي خيال ۾ محبت خواهش جو ٻيو نالو ٿي سگهي ٿي يا اهيا ڪنهن شئي، انسان، يا مڪام کي پنهنجو ڪرڻ جي اٽوٽ احساس کي چئي سگهجي ٿو.

جيتوڻڪ، خواهش، به شين کي حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. پوءِ اها اوهان پنهنجي لاءِ چاهيو يا خواهش ڪيو ڪو ٻيو انکي حاصل ڪري وٺي، مثلن والدين ٻارن لاءِ چاهيندا آهن يا عاشق پنهنجي محبوب لاءِ چاهيندو آهي. خير، ٻنهي مرحلن ۾ هڪ شئي ته واضح آهي ته جيڪا شئي اسان ٻين کي حاصل ڪرڻ لاءِ فڪر مند هوندا آهيون اهو ڪم دراصل يا ته اسان پاڻ ناهيون ڪري سگهندا يا اسان ڪرڻ ناهيون چاهيندا ڇو ته يا ته اهو ڪم اسان لاءِ بيمقصد هوندو آهي يا ته اسان ۾ ان کي مڪمل ڪرڻ جي قابليت نه هوندي آهي.

هاڻ، ڪنهن مقصد جي چونڊ ڪري پوءِ ان کي مڪمل ڪرڻ جي وچ ۾ جيڪا اينرجي، اتساهه، پراميدگي، سڪ ۽ پوري ڪرڻ جي ضرورت وارو احساس پيدا ٿيندو آهي، اصل ۾، اها، منهنجي خيال ۾، جيڪو مون محسوس ڪيو آهي، محبت هوندي آهي. ۽ اهيا ڪنهن به مقصد، پوءِ وڏو هجي يا ننڍو، ان حساب سان پيدا ٿيندي آهي.

No comments:

Post a Comment