Saturday, August 6, 2022

اڌورا ڪردار ۽ ڪھاڻيون

اڌورا ڪردار ۽ ڪھاڻيون

ذيشان علي سولنگي

 مان لکندي لکندي جلدي ٿڪجي پوندو آھيان. جيڏي مھل بہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي توڙ تي پھچڻ وارو ھوندو آھيان تھ آنڱرين مان ست ڇڏائجي ويندي آھي.منھنجي آنڱرين ۾ ست ناھي ھوندي جو ھو وڌيڪ ڪمپيوٽر تي ٽائپ ڪري سگھن.انھي ڪري منھنجي ڪھاڻين جو ڪو به ڪردار منزل تي ناھي پھچي سگھندو. ھونءَ بہ منزل تي اڄ تائين ڪو پھتو بہ آھي ڇا؟ ھر ڪو پنھنجي اڌ ڪھاڻيءَ ۾ مري ٿو وڃي، يا ماريو ٿو وڃي. انھي جو آسان ۽ سولو مثال سياستدانن جو ئي کڻي وٺو. سياستدان ماڻھن مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ ئي تہ ڄميا آھن. پر ڇا، انھن مان ڪڏھن ڪنھن اھيو چيو آھي تھ منھنجي زندگي ھاڻ  پڄاڻيءَ تي اچي پهتي آ، مان تخت ڇڏيان ٿو؟ ھو مرڻ جي ڪنار تي ھوندا آھن تھ بيروني ملڪ مان ھٿراڌو ساھ، بت ۾ داخل ڪرائيندا آھن، يا نڪرندڙ روح کي بند ڏئي يا سنجھ ٻڌي، زوريءَ غريب کي پيٽ جي اونھي گُنديءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آھن.

سياستدانن جو پيٽ بھ عجيب ھوندو آ. خبر نھ آ ھي پيٽ تي الائجي ڪھڙو جنتر منتر ڪندا آھن جو سمورو ملڪ اگر جي انھن جي وات تي رکجي تھ ڪنھن مکيل مانيءَ جي تازي گرھہ وانگي، بنان چٻاڻڻ جي، ھلڪي ڳيت ڏئي، ڪنھن ھٻشي يا بکايل ٻار جي نيت ڪري، سڄي کي ڳيت ئي ھڪ سان بي پيري پيٽ ۾ لاھي ڇڏيندا آھن. تعجب جي ڳالھہ اھيا نہ آھي تھ ھو ملڪ ڳھي ويا؟ ملڪ تہ انھن جي وڏن ۽ ڀرپاسي جي پيرن بہ نريءَ جي ھڏي مان جيئن ڌوڻا ڏئي مِکُ ڪڍبي آھي ائين ڪٽي کاڌو آھي. حيرت مون کي ان ڳالھہ تي ايندي آھي ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ اڌ اوگرائي تھ اچين ھان. آخرڪار ملڪ مان، ٻڪر ٻڪري، وڇ، مينھن، ڏاند، گابو، مرون، ھرڻي، ڦاڙھو، گڏھ، گھوڙو، تيل، گيس، ڪوئلو، زمين، مسلمان، اسلام، واڻيون ۽ واڻئي جو مندر، ڪليسا جو عيسائي، ۽ نالي صفا ڪندڙ ڀنگي، زوري گم ڪيل عوام جنھن جي رھائيءَ لاءِ اڃان سندن مائرون، ڀينرون، ۽ اولاد روڊن تي احتجاج پيا ڪن. ڪراچيءَ ۾ ڌارين ھٿان ماريل سنڌين جا ڪيس ۽ انھن مان مليل رشوت وغيرھ سڀ ھڪ ئي پيٽ ۾ رکي اٿن. مون کي تھ امان مڇيءَ يا گوشت کانپوءِ کير بہ نہ پيئڻ ڏيندي آھي تھ پٽ بگ ٿي پوندي. پر سياستدانن جي پيٽ ۾ تہ مڇي گوشت کان الاوھ الائي جي ڇا ڇا پيل آھي جو بگ تہ پري جي ڳالھھ پيٽ ۾ وٽ بھ نٿو پئين. منھنجي دوست وڏي عيد جي ڇوٿين ڏينھن ڪال تي حوال ڏيندي چيو تھ پھرئين ڏينھن ئي رڳو پليٽ گوشت جي کاڌي آھي تہ دست ٿي پيا آھن. وٽ سان اصل ساھ مٺ ۾ اچي ٿو وڃين. جڏھن تھ سياستدانن جي پيٽ ۾ لڳل حرام جون فيڪٽريون سڀ ڪجھ ائين حل ڪري ٿيون ڇڏين جو پوئتي ڪجھ بھ نھ بچي ٿو.

اڌ ڪھاڻي لکڻ جو ھڪ ٻيو بھانو اھيو بہ آھي ته منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار منھنجي صورتخطيءَ جي غلطين ڪري ڪڏھن ڪڏھن معذوريءَ سان گڏ لوڪ جي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ تماشي جي ور ڇڙھي ويندا آھن. مثلن اگر ڪنھن ڪردار جي نالي ۾ ت تاري جي جاءِ تي ط طوطو لکجي وڃي تھ  ھو وتندو آ سموري ڪھاڻيءَ ۾ طوطو لڳو گھمندو آ.

 ھڪ ڀيرو رات جا ساڍا ٻارنھن پئي ٿيا ۽ بستر تي ستي ستي مون کي ڏاڍي ڀلي ڪھاڻي ذھن ۾ اچي وئي. ڪھاڻي جو پسمنظر ائين ھو تہ ھڪ ڪردار غربت سبب پريشان ھو. ٻارنھن پاس ھو پر قد ڇوٽي، ۽ پوري ساري تعليم سبب ڪٿي ڪا نوڪري نه پئي مليس. ڏاڍو خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڊڪيو پر گورنمينٽ مان پاس ھو سو انگريزي جو تھ ڪو آسرو ھيو ڪون، نہ وري ڪمپيوٽر جو ڪو علم. سو غريب ڇولا وڪڻڻ ڪڏھن ريڙھو لڳائي گذر سفر ڪرڻ لڳو. ھڪ ڀيرو ڇا ٿيو جو ووٽن جا ڏينھن ھجن ۽ پنجن سالن کان پوءِ قد جي ڏاڍي ۽ رنگ جي ڀوري ھمراھ وڏي ڄڃ سان اچي ڳوٺ پھتو. ڪردار موقعو ڏسي کڻي نوڪري جي آڊر جي گھر ڪئي. ووٽ جي لالچ ۾ وڏيري بہ ستت ئي خواھش پوري ڪئي ۽ منھنجي ڪردار کي ھن پٽيوالي وٺرائي ڏني.

  دير رات جاڳڻ ڪري منھنجي اکين ۾ ننڊ پئي مڇيءَ جيان سيرون ھنيون پر مان بہ کڻيضد ڪيم ته ڪجھ بھ ٿئي پر اڄ ڪھاڻي پوري لکندم سو جھوٽن جھوٽن۾ خبر ئي ڪان پئي تھ ڪيڏي مھل مون پٽيوالي جي نالي اڳيان غلطيءَ سان صاحب لکي ڇڏيوھو. منھنجي اھيا ننڍڙي غلطي ھئي ۽ منھنجي سڄي ڪھاڻي درھم ڀرھم ٿي پئي. جيڏي مھل بہ منھنجو ڪو ڪردار ھن وٽ وڃي ھو ٺپ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏي. ڪيڏي مھل ڪھڙا بھانا ڪيڏي مھل ڪھڙا. جيڪو ڪم ھن کي چوان سو ٻئي ڪردار کي ڏئي ڇڏي. حالت اھڙي ٿي وئي جو ڪھاڻيءَ جي ھڪ صاحب نيٺ اچي دانھن ڏني تھ تنھنجو ڪردار ڪو ڪم ئي نٿو ڪري. ھاڻ ان کي مان ڇا ڏسيان تھ اھو ڪردار منھنجي لکڻ کان بہ زور ٿي پيو آ.سو ائين ئي ڪڏھن ڪڏھن ننڊڙين غلطين بہ منھنجي ڪھاڻين کي ڪڏھن مڪمل ٿيڻ نہ  ڏنو.

  منھنجا ڪردار جيتوڻڪ جوانيءَ ۾ ئي مري ويندا آھن، تڏھن بہ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ اڌ ڪردار پوڙھائپ جي عمر کي پڄي ويندو آھي. پر افسوس جو اھو بہ پوڙھائپ واري عمر کي ڪڏھن پوري طرح جي ناھي سگھندو ۽ جوان دل سان ئي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندو آھي.

  ھڪ ڀيري ائين ھڪ پوڙھي جي زندگيءَ تي مون  کي ڪھاڻي لکڻ جو شوق ٿي پيو.  منھنجي ڪوشش ھئي تھ مان ان پوڙھي جي دک دائڪ ڪٿا سموري پڙھندڙن کي ٻڌايان.اصل ۾ ھئو ائينجوھن سان ھن جا گھر ڀاتي، ڌيءَ توڙي پٽ، توڙي گھر واري ڏاڍو ڏکيو ونھوار رکندا ھئا. پٽ جي پسند جي شادي ٿيل ھئي، ڌيءُ ٽي وي ڏسي ڏسي گھر جي شھزادي ٿئي پئي ھئي ۽ پوڙھي جي گھر واري مڙس کي ڏٺي پسند نہ ڪندي ھئي. مون جڏھن ان جي زال کان پڇيو تھ آخر ھو ائين ڇو پئي ڪري تہ چيائين "جڏھن بت ۾ ست ھيس تھ ماڻھنس جي چوڻ تي ڏاڍو ماريو ھئو مئي. ڏينھن خالي نہ ھئو جنھن ڏينھن ھي مون کي گار نہ ڏيندو ھو. سو ھاڻ منھنجو وارو آھي. "

  مائي جي ڳالھہ ٻڌي پوڙھي لاءِ رحمتھ دل آيو پران کان اول پنھنجي گھر واريءَ جي ياد آئي جنھن کي اڄ صبح ئي مانيءَ تان ڇڙٻ ڏئي  آيو ھيس. پوڙھي جي حالت ڏسي پوڙھائپ کان خوف اھڙو تھ ڏيک ڏنو جو دل ئي دل ۾ سوچيم ته اڄ کان پوءِ گھر واريءَ سان نہ ڦٽائبو ڀلي جي کڻي مانيءَ ۾ لوڻ وجھڻ وسري وڃيس يا ٻوڙ ۾ مرچ سوايا وجھي ڇڏي.

  سچ چوان تہ عورت وڏي ڏنگي جنس آھي.اوھان ٻاھر ڪيڏا بھ ڏاڍا مڙس ھجو پر جڏھن گھر واري سامھون ايندي آھي ته ڪڪڙ تي مينھن پيو ھجي ائين ٺري ويندا آھيو. ھڪ ڀيري ائين ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ حادثو پيش اچي ويو جنھن کان پوءِ مون وچن ڪيو ته گھر واري ڀلي ڪھاڻيءَ ۾ ھجي يا ذاتي زندگيءَ ۾، تعريف ھر ھند ڪبي ان جي.

  اصل ۾ ٿيو ائين ھو جو ھڪ ڪردار ھتو تتو گرميءَ ۾ اچي جيئن گھر پھتو تھ سامھون ٽيبل تي بجليءَ جو بل ڏٺائين. بل جي رقم ڏسي ڪردار ڇت ۾ لڳل پکي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ٻانھن ۾ پاتل گھڙيءَ ڏي ڏٺائين ۽ سوچڻ لڳو ته بل ايترو ٿا ڏين جو ڄڻ ملڪ سڄي جي بجلي ئي اسان ٿا ھلايون جڏھن ته پاڻ وقت تي بجلي بہ نٿا ڏين. ٽيو ڏينھن کان فرج بہ انھن جي گھڙيءَ گھڙيءَ بجلي جي جھٽڪن جي ڪري خراب ٿي پيو آھي. نقصان بھ ڪن ٿا پيا ۽ بل بہ ڪڏھن  پنج ھزار ته ڪڏھن ست  ھزار!  اصل ھنن مان ته اڙجي ويا  آھيون.

خيالن ئي خيالن ۾ ڪيڏي مھل ان جي گھر واري پاڻي کڻي مٿانبيٺي ھئي مون کان تھ وسري ويو. خير مون گلاس وٺي ڪردار کي ڏنو. پاڻي پي ڪردار بھ اٿي واشروم ۾ فريش ٿيڻ ھليو ويو. جيڏي مھل جو موٽيو ته محسوس ڪيائين مائي جو منھن اکڙيل اکڙيل آھي. ڪردار ھمٿ ڪئي ٿوري اڳتي سري وجھہ پڇي تہ  ياد آيو مون ڪردار جي گھر واريءَ کي پيڪي ڇڏڻ جو وچن ڪيو ھو ۽ مون کان اھو وسري ويو. مون ڪردار کي ڪھاڻيءَ ۾ سوايو ڪم ڏئي ڇڏيو ھو جنھن ڪري ٻنھي کان ھڪ ڳالھ ٻي بھ وسري وئي ھئي تھ مون ڪردار جي پسند جي شادي ڪرائي ڇڏي ھئي! بس پوءِ ڇا. پسند جي شاديءَ جا سائيڊ فيڪٽس ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ منھنجي ڪھاڻي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اڻ ڄاتل مدي تائين فل اسٽاپ لڳي ويو.

No comments:

Post a Comment