Showing posts with label ڪھاڻي. Show all posts
Showing posts with label ڪھاڻي. Show all posts

Monday, August 8, 2022

سمينا

سمينا

! A Nightmare


خواب ڪيڏا نھ من موھيندڙ ھونداآھن؛ ڀلي جي اھي کليل اکين سان ڏسجن يان بند پر پوءِ بھ انھن جي ٽٽڻ سان نراشا ھر ڪنھن کي ٿيندي آھي! پر، انھن خوابن جو ڇا؟ جيڪي پاڻ ايندا آھن ۽ چاھيندي بھ ناھن موٽي ويندا؟ خواب جيڪي انسان کي لاچار ۽ معضور ڪري ڇڏيندا آھن؟ خواب جن ۾ انسان ڪنھن ڪٽپتليءَ جيان نچندو آھي، ڊڪندو آھي، ۽ مرڻ کان ٿورڙي وٿيءَ تي ھوندو آھي؟ ڪيڏا نھ ڀوائتا لڳندا آھن اھي خواب جيڪي انسان جي وس نھ ھجن يا جن کي انسان ختم نھ ڪري سگھي!

سمينا بھ دير رات جاڳندي تارن کي تڪيندي تويل عرصي تائين ڀوائتن خوابن بابت سوچيندي رھي. سوچيندي رھي تھ ڇا اھي کليل اکين سان بھ ڏسي سگھجن ٿا يا انھن لاءِ انسان کي نابين ٿيڻو پوندو آھي؟ آخر اھڙن خوابن ۾ انسان لاچار ڇو ھوندو آھي؟ ڇو ھو پنھنجي خواھش کي حقيقت جو جام نھ بڻائي سگھندو آھي؟ جيترا تارا, اوترائي سوال سمينا جي ناسي ماڻڪين ۾ اڀرن پيا ۽ وسامن پيا ائين ئي جيئن ٻرندڙ تارا آسمان جي وڏي وشال اک ۾ ترندا ھجن ۽ ٻڏندا ھجن.

تارن جي موھ ۾ گم سمينا کي اوچتو ڪنن ۾ ھلڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز جھڙو ڪا شئي ڀت اورانگي  اندر آئي ھجي! آواز ٻڌي سمينا جي نرڙ تي پگھر اچڻ شروع ٿي ويو. بُتَ جا وار ڪانڊرجي ويا ھيس ۽ دل جو گھوڙي جيان ڊڪڻ جو آواز ڪنن ۾ چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيس. ڏسندي ئي ڏسندي ھوا ۾ ٻوسٽ وڌڻ لڳو.اوچتو اوندھ ۾ ائين واڌ ٿيڻ لڳي جيئن ڪنھن شئي کي باھ لڳي ۽ پوءِ ھوريان ھوريان دونھون آسمان کان روشنيءَ ڌار ڪري ڪجھ وقت لاءِ غائب ڪري ڇڏي. سمينا جي نظر بھ ائين ئي گھٽ ٿيندي پئي وئي. خوفُ ھن جي اکين آڏو دونھون بڻجي ويو.

سمينا ڳيت ڏئي وڏو ساھ کنيو ۽ ھلڪڙي آواز سان ماءُ کي سڏڻ شروع ڪيائين پر ماءُ ڪو بھ جواب نھ ڏنو. زور سان ھڪ ٻيو ڊگھو ساھ کڻي سامت  ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪيائين  ۽ ٻانھن ڊگھي ڪري ماءُ کي ٻانھن مان وٺي لوڏڻ لڳي پر ماءُ ڪو جواب نھ ڏنس. سمينا کي ڪجھ سمجھ ۾ نھ پئي آيو ۽ ھن پاڪ ڪتاب جون ياد ٿيل آيتون پڙھڻ شروع ڪيون ۽ جيڏي مھل دل جي ڌڪ ڌڪ گھٽ ٿيس تھ محسوس ڪيائين، ماءُ جي کونگھراٽن جو آواز نويڪلائيءَ ۾ پڙاٽو بڻجي ڪنن ۾ ٽڪرائڻ لڳس. سمينا زور سان اکيون بند ڪيون ۽ ماءُ کي ياد ڪرڻ لڳي _ھن محسوس ڪيو سندس ماءُ گھري ننڊ ۾ ستل ھئي. سمينا ھورڙيان اکيون کوليون ۽  ڀاءُ ڏانھن زور ڏئي ڏسڻ لڳي. اوندھ ۾ ڪجھ نظر نھ پئي آيس. ڀاءُ تي سڏ جو ڪو اسر بھ ٿئي ٿو يا نھ ڪا خبر نھ پي پئي. سمينا وري  بھ ان کي ھوريان ھوريان سڏ ڪرڻ لڳي پر ڌيان ڪيائين تھ اھو بھ گھري ننڊ جو شڪار ھو. ھن مھل تائين سمينا کي ھڪ ڳالھھ جي تھ پڪ ٿي وئي ھئي تھ گھر جو ڪو بھ ڀاتي ان جي سڏ جو جواب نھ پيو ڏي.سمينا کي وحم ٿين لڳو جھڙو سمورا ڀاتي ڪنھن جادوئي ننڊ جو شڪار ھجن!

سمينا خوف ۾ پوري طرح سان جھڪڙجي وئي ھئي. ھن ھڪ ڀيرو ٻيھراکيون بند ڪري ساھ کي پيٽ ۾ ئي زوريءَ سان جھلي آس پاس جي آوازن کي پرکڻ لڳي پر نھ ڪا شئي درست ڏسڻ ۾ پئي آيس نھ ڪنھن ٻڪري، ڳئون يا پاليل ڪڪڙين جو ڪو شور ٻڌڻ ۾ آيس. آيس تھ فقط وٿاڻ ۾ لڳل نم جي وڻ جي پنن جو آواز جيڪو بھ ھوريان ھوريان گم ٿوندو پئي ويو. سمينا جي دل ۾ وھم وڌڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳي تھ ڪٿي ڪو گھر ڀاتين تي علم ڪري انھن کي مارڻ تھ نھ آيو آ؟! يا بڙ جي ڏائڻ ان جي پٽ جي پويان تھ نھ پئي آ؟ ڪجھ سمجھ ۾ نھ پئي آيس سو ڀر سان ستل پنجن مھينن جي پٽ کي مٿي ٿي ھٿ لاھي ا جي موجودگي ءَجي احساس مان پڪ ورتائين ۽ ان جي حفاضت جو من ئي من ۾ وچن ڪيائين.

گگھ اوندھ  ۾ سمينا اکيون جو کوليون تھ اکين آڏو ترورا اچڻ لڳس. ھن ترورن ۾ سندس پيءُ جي موت واري سموري ڪٿا ھڪ ڀيرو ٻيھر ڏسڻ شروع ڪئي. ٽي چار سال اڳ سمينا جي پيءُ جو لاش جھنگ مان مليو ھو. ھو رات جو پاڻيءَ جي واري تي ويل ھو جنھن کان پوءِ ھو سموري رات گھر واپس نھ آيو ھو. صبح ٿي تھ معلوم ٿيو تھ ان جو لاش پير واري جھنگ ۾ مليو آھي. خون ڪنھن ڪيو ھو ڪنھن کي خبر نھ پئي پر ھڪ ڳالھھ ضرور فھلجي وئي تھ پير ۾ جيڪو پراڻو بڙ آ ان ۾ ڏائڻ جو آستانون آ جنھن پڪ سان ولوءَ کي قتل ڪيو آ! ان بڙ مان رات جو ٻارن جي روئڻ جون آوازون  بھ تھ ڳوٺ وارن ھر ستاوينھي جي رات تي ٻڌيون آھن. ولو جي پاڻيءَ جو وارو بھ تھ ستاوينھي جي رات تي ھيو نھ؟! ڇو جو وليد عرف ولو جي زمين جو پاڻي پير واري واٽر تان ايندو آ، پڪ سان پير وٽان گذرندي ھن ٻارن جون رڙيون ٻڌيون ھونديون ۽ ھيءَ اوڏانھن ڪاھي پيو ھوندو ۽ ائين ڏائڻ جو شڪار ٿي ويو!

ڏسندي ئي ڏسندي سمينا جي ذھن ۾ ڪيڏي مھل اھي ڳالھيون گھر ڪري ويون ھون ڪنھن کي خبر نھ پئي. سمينا کي شاديءَ کان پوءِ جڏھن احسن ڃائو تھ ھن پيڪي اچڻ  کان سخت انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پر ڪجھ مھينن کان پوءِ ماءُ جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري سمينا نيٺ ڳوٺ واپس آئي. پر ڳوٺ اچڻ کان اڳ سمينا پاڻ کي پوري طرح سان مطعمئن ڪري ڇڏيو ھو تھ ڏائڻ جھڙي ڪا بھ آفت ناھي ھوندي. ڏائڻ بس ديو مالائي ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار آھي جيڪو ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ ٻڌايو ويندو آھي. سمينا جي نظر ڳوٺ ايندي جيئن ئي پير تي پئي تھ ان کي سندس پيءُ جي مرڻ جي ڪارڻ جون سموريون ڳالھيون ھڪ ڀيرو ٻيھر ذھن ۾ واپس اچڻ شروع ٿي ويس پر من ئي من سمينا انھن کي منڃڻ کان سخت انڪار ڪري چڪي ھئي.

سمينا جيئن تيئن ماءُ وٽ ٻٽي ڏينھن گزاريا پر جيئن جيئن راتيون گذرڻ لڳيون تيئن سمينا کي ڏائڻ جو خوف وڌيڪ پريشان ڪرڻ لڳو. گدڙ جي اوناھئين تي احسن کي جاڳ ٿئي يا ڪتن جي ڀئونڪڻ تي پاڻ اٿي پئي تھ ھوءَ پوري طرح سان خوف ۾ وٺجي پئي وڃي. سمينا ھڪ ٻھ دفعا ماءُ سان حال اورڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري ماءُ جي ناساز طبيعت ڪري خاموش ٿي وئي.

ڪجھ راتين کان پوءِ نيٺ اڄ ستاوينھين جي رات بھ اچي وئي جنھن رات چنڊ آسمان ۾ اڻ لڀ ھو. چنڊ نھ ھئڻ ڪري تارا تھ چٽا ھئا پر ڌرتيءَ تي اوندھ پنھنجو قبضو ڪيون ويٺي ھئي. سمينا جيڏي مھل ڏٺو تھ اڄ چنڊ آسمان ۾ موجود ناھي تھ ان جو خوف وڌي ٻيڻون ٿي ويو. ان کي ھاڻ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ئي پڪ ٿي وئي ھئي تھ ڏائڻ ننڍڙن ٻارن جو شڪار ڪندي آھي. ھو رات جو ڀت ٽپي، گھر ڀاتين تي ننڊ جو جادو ڪري ٻارن کي چوري ڪري ويندي آھي. سمينا جو خوف ايترو تھ وڌي ويو ھو جو ھوءَ صبح سويل واپس ساھرن ڏانھن وڃڻ پئي چاھي. پر صبح ۾ اڃان وقت ھو. سمينا تارن سان گڏ جاڳندي رھي. ڪجھ راتيون صحيح سان نھ سمھڻ ڪري اڄ مٿي ۾ سور بھ اچي پيو ھيس ۽ رکي رکي جھوٽا ائين جيئن ھوا ڪريل پن کي پاڻ سان کڻي وڃي ائين سمينا کي بھ ننڊ طرف رکي رکي سٽ ھڻن پيا پر احسن جي ڀر سان سمھيل ھئڻ ڪري ھن ننڊ آڏو ھار نھ مڃي.

سمينا مٿن کان پيل پوتي کڻي نرڙ تان پگھراگھيو ۽ رنڌڙي طرف ھلڻ لڳي. سمينا جيئن ئي رندڙي ۾ داخل ٿي تھ ڪا شئي رندڙي مان نڪري ڀڄڻ لڳي ۽ سمينا جي پيرن سان وڃي ٽڪرائي. لسڙي ڀت سمينا کي خوف و حراس ۾ ويڙھي ڇڏيو. سمينا زور سان وڃي پوئتي ڪري ۽ رڙيون ڪري ماءُ کي سڏ ڪرڻ لڳي پر نھ سندس ماءُ جواب ڏنس نھ ئي ڀاءُ ننڊ مان اٿيس. سمينا جي رڙين کان پوءِ گدڙن جون اوناھيون اچانڪ غائب ٿي ويون. پري کان ڪتن جي ڀئونڪڻ جو آوا زبھ خاموشيءَ جي غلاف ۾ ويڙھجي ويو ھو. نم جا پن چرڻ کان لاچار ھئا. ھوا زمين تي پٿر جيان ڪري پئي ۽ ٻيھر اٿي نھ پئي سگھي. خاموشي، ٻوسٽ، ۽ اوندھ ۾ سمينا جو تيزيءَ سان ساھ کڻڻ ۽ سيني ۾ دل جي ڌڪ ڌڪ جي آواز ماحول  ۾ شور جي جاءِ وٺي ڇڏي ھئي.

سمينا ڳيت ڏئي زمين تان اٿي ۽ تڪڙي رنڌڙي ۾ وڃي ميڻ بتي ٻاريانئي. ميڻ بتيءَ جي روشني سمينا جي بت ۾ نئي جان ڦوڪي ڇڏي ۽ ان جي وشنيءَ سان سمينا ۾ نئي ھمٿ جنم ٿيو. ھوءَ تڪڙي تڪڙي احسن طرف وڌڻ لڳي.ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ احسن سڪون سان ستو پيو ھو. سمينا ھاڻ ڪجھ سامت ۾ آئي سو وري  ماءُ کي اٿارڻ لاءِ ان طرف وڌڻ لڳي.

سمينا ماءُ کي زور سان لوڏڻ لڳي ۽ امان ڪري سڏ ڪرڻ لڳي پر ڪو جواب نھ مليس. نيٺ ماءُ مان اميد لاھي ڀاءُ طرف وڌي. ميڻ بتيءَ جي ھلڪي ڳاڙھي روشنيءَ ۾ سمينا   ڀاءُ جي کٽ طرف وڃڻ لڳي. جيڏي مھل جو سمينا ڀاءُ جي ويجھو ٿي تھ ڏٺائين ان جي وات مان اڇي گف ٻاھر نڪري رھي ھئي. سمينا کان شرڪ نڪري ويو ۽ ادا ڪري ھوءَ ڀاءُ طرف ڊڪڻ لڳي. سمينا جي آواز تي ڀاڻس اکيون کوليون پر کولڻ شرط ان جو بت جيئن مڇي پاڻيءَ مان ٻاھرنڪري فٿڪندي آ ائين فٿڪڻ شروع ٿي ويو. سمينا زور سان ڀاءُ کي سڏ ڪرڻ لڳي پر ڀاڻنس جواب ڏيڻ کان اڳئي بيھونش ٿي ويو.

سمينا ڀاءُ جي اھڙي حالت ڏسي  ماءُ طرف ڊڪڻ لڳي ۽ زور زور سان امان ادا کي الائي ڇا ٿي ويو اٿي ڏس ! چوڻ لڳي. پر سندس ماءُ ننڊ مان نھ پئي اٿئي. سمينا لاچياريءَ واريءَ حالت ۾  محسوس ڪيو جھڙو ڪا شئي ان جي پويان بيٺي ھجي. سميان خوف وچان پوري طرح سرد ٿي وئي ۽ ڳيت ڏئي پوئتي فرڻ لڳي.

سمينا جيئن جو پوئتي منھن ورائي ڏٺو تھ اتي ڪا شئي نھ ھئي! پر، جيڏي مھل زمين تي ڌيان ڪيائين تھ مٽيءَ ۾ سنھڙا ۽ ڊگھا پير ڇاپيل ھئا. سمينا پير جيئن ڏٺا تھ ميڻ بتي جي ڪوسي ميڻ آنڱوٺي تي اچي ڪريس ۽ ھٿ مان ميڻ بتي  ڇڏائي ونڃي ھيٺ ڪري. اوندھ ھڪ ڀيرو ٻيھر سمينا جي وجود کي پاڻ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. گدڙن جون  اوناھيون ٻيھرماحول ۾ گونجڙ لڳيون. گدڙن جي ريس تي ڪتن ۾ بھ  شور مچي ويو. زور سان نم جي وڻ مان ھوا سيسٽ ڪري اڏامڻ لڳي. سمينا جو پھگر سڪي خشڪ ٿي ويو ۽ اوندھ جي ڪاري چوغي ۾ احسن جي روئڻ جو آواز ۽ پايل جي ڇم ڇم سمينا جي وجود تي کنوڻ جيان ڪرڻ لڳي. احسن جي روئڻ تي سمينا  احسن طرف ڊڪ ڀري پر اوندھ ۾کٽ جي پائي ۾ ٿاٻڙجي پئي. سمينا وري کٽ جي ٻانھينءَ ۾ ھٿ وجھي اٿڻ لڳي ۽ احسن کي ھند تان کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر اوندھ ۾ سمينا کي احسن اتي موجود نھ مليو. احسن جي روئڻ جو آواز اتھان ئي پئي آيو پر اھو اتي نھ ھئو. سمينا ھند تي ھٿن سان احسن کي ڳولھڻ لڳي پر ھند کالي ھئو .سمينا محسوس ڪيو تھ احسن جو آواز پري ٿيندو ٿو وڃي.

احسن جي روئڻ جو آواز ۽ پايل جي ڇم ڇم ٻاھرئين دروازي طرف وڌڻ لڳا. سمينا آواز جو پيڇو ڪيو ۽ احسن... احسن.. سڏ ڪري دروازي طرف ڊڪڻ شروع ڪيائين. سمينا اوندھ ۾ ھٿن کي آواز ڏانھن اڳتي وڌائي  احسن کي کسڻ جي ڪوشش پئي ڪري پر اوندھ کالي ھئي. ان ۾ احسن نھ ھو. سمينا آواز طرف ھلندي رھي ۽ نيٺ وڃي سمينا جي ھٿن ڪنھن وجود کي پڪڙيو. ھي احسن نھ ھو. ڪنھن عورت جي مٿي جا وار آھن. سمينا جا ھٿ دروازي مان ٽپي ڪنھن عورت جي مٿي ۾ وڃي پيا ۽ سمينا جو سمورو ساھ اتي سڪي ويو. سمينا ٺلھ بڻجي بيھي رھي.

سمينا ھوريان ڪري ھٿ پوئتي ڪيا تھ ھلڪي اڇي روشني سامھون وارن تي ظاھر ٿيڻ لڳي. سمينا اکين تي زور ڏئي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ ڊگھي مائي جنھن جو منھن وارن سان ڍڪيل ھو. ھنج ۾ احسن کنيون بيٺي ھئي. ھٿن جا نھن وڏا ۽ ميرا ھيس. پيرن ڏي ڏٺائين تھ پيري اگھاڙي بيٺي ھئي. سمينا کان ازخود لفظ ڏائڻ نڪري ويو. سمينا ڏائڻ... ڏائڻ... منھنجو پٽ کڻي وئي ڏائڻ ...ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي . پر ڪو بھ سڏ تي نھ آيس. نيٺ ڏائڻ  در مان اڳتي وڌي ۽ سمينا  کي  زور سان ڌڪو کڻي ڏنائين ۽ سمينا بستر تي شرڪ ڀري جاڳي پئي.

Saturday, August 6, 2022

اڌورا ڪردار ۽ ڪھاڻيون

اڌورا ڪردار ۽ ڪھاڻيون

ذيشان علي سولنگي

 مان لکندي لکندي جلدي ٿڪجي پوندو آھيان. جيڏي مھل بہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي توڙ تي پھچڻ وارو ھوندو آھيان تھ آنڱرين مان ست ڇڏائجي ويندي آھي.منھنجي آنڱرين ۾ ست ناھي ھوندي جو ھو وڌيڪ ڪمپيوٽر تي ٽائپ ڪري سگھن.انھي ڪري منھنجي ڪھاڻين جو ڪو به ڪردار منزل تي ناھي پھچي سگھندو. ھونءَ بہ منزل تي اڄ تائين ڪو پھتو بہ آھي ڇا؟ ھر ڪو پنھنجي اڌ ڪھاڻيءَ ۾ مري ٿو وڃي، يا ماريو ٿو وڃي. انھي جو آسان ۽ سولو مثال سياستدانن جو ئي کڻي وٺو. سياستدان ماڻھن مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ ئي تہ ڄميا آھن. پر ڇا، انھن مان ڪڏھن ڪنھن اھيو چيو آھي تھ منھنجي زندگي ھاڻ  پڄاڻيءَ تي اچي پهتي آ، مان تخت ڇڏيان ٿو؟ ھو مرڻ جي ڪنار تي ھوندا آھن تھ بيروني ملڪ مان ھٿراڌو ساھ، بت ۾ داخل ڪرائيندا آھن، يا نڪرندڙ روح کي بند ڏئي يا سنجھ ٻڌي، زوريءَ غريب کي پيٽ جي اونھي گُنديءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آھن.

سياستدانن جو پيٽ بھ عجيب ھوندو آ. خبر نھ آ ھي پيٽ تي الائجي ڪھڙو جنتر منتر ڪندا آھن جو سمورو ملڪ اگر جي انھن جي وات تي رکجي تھ ڪنھن مکيل مانيءَ جي تازي گرھہ وانگي، بنان چٻاڻڻ جي، ھلڪي ڳيت ڏئي، ڪنھن ھٻشي يا بکايل ٻار جي نيت ڪري، سڄي کي ڳيت ئي ھڪ سان بي پيري پيٽ ۾ لاھي ڇڏيندا آھن. تعجب جي ڳالھہ اھيا نہ آھي تھ ھو ملڪ ڳھي ويا؟ ملڪ تہ انھن جي وڏن ۽ ڀرپاسي جي پيرن بہ نريءَ جي ھڏي مان جيئن ڌوڻا ڏئي مِکُ ڪڍبي آھي ائين ڪٽي کاڌو آھي. حيرت مون کي ان ڳالھہ تي ايندي آھي ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ اڌ اوگرائي تھ اچين ھان. آخرڪار ملڪ مان، ٻڪر ٻڪري، وڇ، مينھن، ڏاند، گابو، مرون، ھرڻي، ڦاڙھو، گڏھ، گھوڙو، تيل، گيس، ڪوئلو، زمين، مسلمان، اسلام، واڻيون ۽ واڻئي جو مندر، ڪليسا جو عيسائي، ۽ نالي صفا ڪندڙ ڀنگي، زوري گم ڪيل عوام جنھن جي رھائيءَ لاءِ اڃان سندن مائرون، ڀينرون، ۽ اولاد روڊن تي احتجاج پيا ڪن. ڪراچيءَ ۾ ڌارين ھٿان ماريل سنڌين جا ڪيس ۽ انھن مان مليل رشوت وغيرھ سڀ ھڪ ئي پيٽ ۾ رکي اٿن. مون کي تھ امان مڇيءَ يا گوشت کانپوءِ کير بہ نہ پيئڻ ڏيندي آھي تھ پٽ بگ ٿي پوندي. پر سياستدانن جي پيٽ ۾ تہ مڇي گوشت کان الاوھ الائي جي ڇا ڇا پيل آھي جو بگ تہ پري جي ڳالھھ پيٽ ۾ وٽ بھ نٿو پئين. منھنجي دوست وڏي عيد جي ڇوٿين ڏينھن ڪال تي حوال ڏيندي چيو تھ پھرئين ڏينھن ئي رڳو پليٽ گوشت جي کاڌي آھي تہ دست ٿي پيا آھن. وٽ سان اصل ساھ مٺ ۾ اچي ٿو وڃين. جڏھن تھ سياستدانن جي پيٽ ۾ لڳل حرام جون فيڪٽريون سڀ ڪجھ ائين حل ڪري ٿيون ڇڏين جو پوئتي ڪجھ بھ نھ بچي ٿو.

اڌ ڪھاڻي لکڻ جو ھڪ ٻيو بھانو اھيو بہ آھي ته منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار منھنجي صورتخطيءَ جي غلطين ڪري ڪڏھن ڪڏھن معذوريءَ سان گڏ لوڪ جي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ تماشي جي ور ڇڙھي ويندا آھن. مثلن اگر ڪنھن ڪردار جي نالي ۾ ت تاري جي جاءِ تي ط طوطو لکجي وڃي تھ  ھو وتندو آ سموري ڪھاڻيءَ ۾ طوطو لڳو گھمندو آ.

 ھڪ ڀيرو رات جا ساڍا ٻارنھن پئي ٿيا ۽ بستر تي ستي ستي مون کي ڏاڍي ڀلي ڪھاڻي ذھن ۾ اچي وئي. ڪھاڻي جو پسمنظر ائين ھو تہ ھڪ ڪردار غربت سبب پريشان ھو. ٻارنھن پاس ھو پر قد ڇوٽي، ۽ پوري ساري تعليم سبب ڪٿي ڪا نوڪري نه پئي مليس. ڏاڍو خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڊڪيو پر گورنمينٽ مان پاس ھو سو انگريزي جو تھ ڪو آسرو ھيو ڪون، نہ وري ڪمپيوٽر جو ڪو علم. سو غريب ڇولا وڪڻڻ ڪڏھن ريڙھو لڳائي گذر سفر ڪرڻ لڳو. ھڪ ڀيرو ڇا ٿيو جو ووٽن جا ڏينھن ھجن ۽ پنجن سالن کان پوءِ قد جي ڏاڍي ۽ رنگ جي ڀوري ھمراھ وڏي ڄڃ سان اچي ڳوٺ پھتو. ڪردار موقعو ڏسي کڻي نوڪري جي آڊر جي گھر ڪئي. ووٽ جي لالچ ۾ وڏيري بہ ستت ئي خواھش پوري ڪئي ۽ منھنجي ڪردار کي ھن پٽيوالي وٺرائي ڏني.

  دير رات جاڳڻ ڪري منھنجي اکين ۾ ننڊ پئي مڇيءَ جيان سيرون ھنيون پر مان بہ کڻيضد ڪيم ته ڪجھ بھ ٿئي پر اڄ ڪھاڻي پوري لکندم سو جھوٽن جھوٽن۾ خبر ئي ڪان پئي تھ ڪيڏي مھل مون پٽيوالي جي نالي اڳيان غلطيءَ سان صاحب لکي ڇڏيوھو. منھنجي اھيا ننڍڙي غلطي ھئي ۽ منھنجي سڄي ڪھاڻي درھم ڀرھم ٿي پئي. جيڏي مھل بہ منھنجو ڪو ڪردار ھن وٽ وڃي ھو ٺپ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏي. ڪيڏي مھل ڪھڙا بھانا ڪيڏي مھل ڪھڙا. جيڪو ڪم ھن کي چوان سو ٻئي ڪردار کي ڏئي ڇڏي. حالت اھڙي ٿي وئي جو ڪھاڻيءَ جي ھڪ صاحب نيٺ اچي دانھن ڏني تھ تنھنجو ڪردار ڪو ڪم ئي نٿو ڪري. ھاڻ ان کي مان ڇا ڏسيان تھ اھو ڪردار منھنجي لکڻ کان بہ زور ٿي پيو آ.سو ائين ئي ڪڏھن ڪڏھن ننڊڙين غلطين بہ منھنجي ڪھاڻين کي ڪڏھن مڪمل ٿيڻ نہ  ڏنو.

  منھنجا ڪردار جيتوڻڪ جوانيءَ ۾ ئي مري ويندا آھن، تڏھن بہ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ اڌ ڪردار پوڙھائپ جي عمر کي پڄي ويندو آھي. پر افسوس جو اھو بہ پوڙھائپ واري عمر کي ڪڏھن پوري طرح جي ناھي سگھندو ۽ جوان دل سان ئي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندو آھي.

  ھڪ ڀيري ائين ھڪ پوڙھي جي زندگيءَ تي مون  کي ڪھاڻي لکڻ جو شوق ٿي پيو.  منھنجي ڪوشش ھئي تھ مان ان پوڙھي جي دک دائڪ ڪٿا سموري پڙھندڙن کي ٻڌايان.اصل ۾ ھئو ائينجوھن سان ھن جا گھر ڀاتي، ڌيءَ توڙي پٽ، توڙي گھر واري ڏاڍو ڏکيو ونھوار رکندا ھئا. پٽ جي پسند جي شادي ٿيل ھئي، ڌيءُ ٽي وي ڏسي ڏسي گھر جي شھزادي ٿئي پئي ھئي ۽ پوڙھي جي گھر واري مڙس کي ڏٺي پسند نہ ڪندي ھئي. مون جڏھن ان جي زال کان پڇيو تھ آخر ھو ائين ڇو پئي ڪري تہ چيائين "جڏھن بت ۾ ست ھيس تھ ماڻھنس جي چوڻ تي ڏاڍو ماريو ھئو مئي. ڏينھن خالي نہ ھئو جنھن ڏينھن ھي مون کي گار نہ ڏيندو ھو. سو ھاڻ منھنجو وارو آھي. "

  مائي جي ڳالھہ ٻڌي پوڙھي لاءِ رحمتھ دل آيو پران کان اول پنھنجي گھر واريءَ جي ياد آئي جنھن کي اڄ صبح ئي مانيءَ تان ڇڙٻ ڏئي  آيو ھيس. پوڙھي جي حالت ڏسي پوڙھائپ کان خوف اھڙو تھ ڏيک ڏنو جو دل ئي دل ۾ سوچيم ته اڄ کان پوءِ گھر واريءَ سان نہ ڦٽائبو ڀلي جي کڻي مانيءَ ۾ لوڻ وجھڻ وسري وڃيس يا ٻوڙ ۾ مرچ سوايا وجھي ڇڏي.

  سچ چوان تہ عورت وڏي ڏنگي جنس آھي.اوھان ٻاھر ڪيڏا بھ ڏاڍا مڙس ھجو پر جڏھن گھر واري سامھون ايندي آھي ته ڪڪڙ تي مينھن پيو ھجي ائين ٺري ويندا آھيو. ھڪ ڀيري ائين ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ حادثو پيش اچي ويو جنھن کان پوءِ مون وچن ڪيو ته گھر واري ڀلي ڪھاڻيءَ ۾ ھجي يا ذاتي زندگيءَ ۾، تعريف ھر ھند ڪبي ان جي.

  اصل ۾ ٿيو ائين ھو جو ھڪ ڪردار ھتو تتو گرميءَ ۾ اچي جيئن گھر پھتو تھ سامھون ٽيبل تي بجليءَ جو بل ڏٺائين. بل جي رقم ڏسي ڪردار ڇت ۾ لڳل پکي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ٻانھن ۾ پاتل گھڙيءَ ڏي ڏٺائين ۽ سوچڻ لڳو ته بل ايترو ٿا ڏين جو ڄڻ ملڪ سڄي جي بجلي ئي اسان ٿا ھلايون جڏھن ته پاڻ وقت تي بجلي بہ نٿا ڏين. ٽيو ڏينھن کان فرج بہ انھن جي گھڙيءَ گھڙيءَ بجلي جي جھٽڪن جي ڪري خراب ٿي پيو آھي. نقصان بھ ڪن ٿا پيا ۽ بل بہ ڪڏھن  پنج ھزار ته ڪڏھن ست  ھزار!  اصل ھنن مان ته اڙجي ويا  آھيون.

خيالن ئي خيالن ۾ ڪيڏي مھل ان جي گھر واري پاڻي کڻي مٿانبيٺي ھئي مون کان تھ وسري ويو. خير مون گلاس وٺي ڪردار کي ڏنو. پاڻي پي ڪردار بھ اٿي واشروم ۾ فريش ٿيڻ ھليو ويو. جيڏي مھل جو موٽيو ته محسوس ڪيائين مائي جو منھن اکڙيل اکڙيل آھي. ڪردار ھمٿ ڪئي ٿوري اڳتي سري وجھہ پڇي تہ  ياد آيو مون ڪردار جي گھر واريءَ کي پيڪي ڇڏڻ جو وچن ڪيو ھو ۽ مون کان اھو وسري ويو. مون ڪردار کي ڪھاڻيءَ ۾ سوايو ڪم ڏئي ڇڏيو ھو جنھن ڪري ٻنھي کان ھڪ ڳالھ ٻي بھ وسري وئي ھئي تھ مون ڪردار جي پسند جي شادي ڪرائي ڇڏي ھئي! بس پوءِ ڇا. پسند جي شاديءَ جا سائيڊ فيڪٽس ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ منھنجي ڪھاڻي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اڻ ڄاتل مدي تائين فل اسٽاپ لڳي ويو.