Monday, August 8, 2022

سمينا

سمينا

! A Nightmare


خواب ڪيڏا نھ من موھيندڙ ھونداآھن؛ ڀلي جي اھي کليل اکين سان ڏسجن يان بند پر پوءِ بھ انھن جي ٽٽڻ سان نراشا ھر ڪنھن کي ٿيندي آھي! پر، انھن خوابن جو ڇا؟ جيڪي پاڻ ايندا آھن ۽ چاھيندي بھ ناھن موٽي ويندا؟ خواب جيڪي انسان کي لاچار ۽ معضور ڪري ڇڏيندا آھن؟ خواب جن ۾ انسان ڪنھن ڪٽپتليءَ جيان نچندو آھي، ڊڪندو آھي، ۽ مرڻ کان ٿورڙي وٿيءَ تي ھوندو آھي؟ ڪيڏا نھ ڀوائتا لڳندا آھن اھي خواب جيڪي انسان جي وس نھ ھجن يا جن کي انسان ختم نھ ڪري سگھي!

سمينا بھ دير رات جاڳندي تارن کي تڪيندي تويل عرصي تائين ڀوائتن خوابن بابت سوچيندي رھي. سوچيندي رھي تھ ڇا اھي کليل اکين سان بھ ڏسي سگھجن ٿا يا انھن لاءِ انسان کي نابين ٿيڻو پوندو آھي؟ آخر اھڙن خوابن ۾ انسان لاچار ڇو ھوندو آھي؟ ڇو ھو پنھنجي خواھش کي حقيقت جو جام نھ بڻائي سگھندو آھي؟ جيترا تارا, اوترائي سوال سمينا جي ناسي ماڻڪين ۾ اڀرن پيا ۽ وسامن پيا ائين ئي جيئن ٻرندڙ تارا آسمان جي وڏي وشال اک ۾ ترندا ھجن ۽ ٻڏندا ھجن.

تارن جي موھ ۾ گم سمينا کي اوچتو ڪنن ۾ ھلڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز جھڙو ڪا شئي ڀت اورانگي  اندر آئي ھجي! آواز ٻڌي سمينا جي نرڙ تي پگھر اچڻ شروع ٿي ويو. بُتَ جا وار ڪانڊرجي ويا ھيس ۽ دل جو گھوڙي جيان ڊڪڻ جو آواز ڪنن ۾ چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيس. ڏسندي ئي ڏسندي ھوا ۾ ٻوسٽ وڌڻ لڳو.اوچتو اوندھ ۾ ائين واڌ ٿيڻ لڳي جيئن ڪنھن شئي کي باھ لڳي ۽ پوءِ ھوريان ھوريان دونھون آسمان کان روشنيءَ ڌار ڪري ڪجھ وقت لاءِ غائب ڪري ڇڏي. سمينا جي نظر بھ ائين ئي گھٽ ٿيندي پئي وئي. خوفُ ھن جي اکين آڏو دونھون بڻجي ويو.

سمينا ڳيت ڏئي وڏو ساھ کنيو ۽ ھلڪڙي آواز سان ماءُ کي سڏڻ شروع ڪيائين پر ماءُ ڪو بھ جواب نھ ڏنو. زور سان ھڪ ٻيو ڊگھو ساھ کڻي سامت  ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪيائين  ۽ ٻانھن ڊگھي ڪري ماءُ کي ٻانھن مان وٺي لوڏڻ لڳي پر ماءُ ڪو جواب نھ ڏنس. سمينا کي ڪجھ سمجھ ۾ نھ پئي آيو ۽ ھن پاڪ ڪتاب جون ياد ٿيل آيتون پڙھڻ شروع ڪيون ۽ جيڏي مھل دل جي ڌڪ ڌڪ گھٽ ٿيس تھ محسوس ڪيائين، ماءُ جي کونگھراٽن جو آواز نويڪلائيءَ ۾ پڙاٽو بڻجي ڪنن ۾ ٽڪرائڻ لڳس. سمينا زور سان اکيون بند ڪيون ۽ ماءُ کي ياد ڪرڻ لڳي _ھن محسوس ڪيو سندس ماءُ گھري ننڊ ۾ ستل ھئي. سمينا ھورڙيان اکيون کوليون ۽  ڀاءُ ڏانھن زور ڏئي ڏسڻ لڳي. اوندھ ۾ ڪجھ نظر نھ پئي آيس. ڀاءُ تي سڏ جو ڪو اسر بھ ٿئي ٿو يا نھ ڪا خبر نھ پي پئي. سمينا وري  بھ ان کي ھوريان ھوريان سڏ ڪرڻ لڳي پر ڌيان ڪيائين تھ اھو بھ گھري ننڊ جو شڪار ھو. ھن مھل تائين سمينا کي ھڪ ڳالھھ جي تھ پڪ ٿي وئي ھئي تھ گھر جو ڪو بھ ڀاتي ان جي سڏ جو جواب نھ پيو ڏي.سمينا کي وحم ٿين لڳو جھڙو سمورا ڀاتي ڪنھن جادوئي ننڊ جو شڪار ھجن!

سمينا خوف ۾ پوري طرح سان جھڪڙجي وئي ھئي. ھن ھڪ ڀيرو ٻيھراکيون بند ڪري ساھ کي پيٽ ۾ ئي زوريءَ سان جھلي آس پاس جي آوازن کي پرکڻ لڳي پر نھ ڪا شئي درست ڏسڻ ۾ پئي آيس نھ ڪنھن ٻڪري، ڳئون يا پاليل ڪڪڙين جو ڪو شور ٻڌڻ ۾ آيس. آيس تھ فقط وٿاڻ ۾ لڳل نم جي وڻ جي پنن جو آواز جيڪو بھ ھوريان ھوريان گم ٿوندو پئي ويو. سمينا جي دل ۾ وھم وڌڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳي تھ ڪٿي ڪو گھر ڀاتين تي علم ڪري انھن کي مارڻ تھ نھ آيو آ؟! يا بڙ جي ڏائڻ ان جي پٽ جي پويان تھ نھ پئي آ؟ ڪجھ سمجھ ۾ نھ پئي آيس سو ڀر سان ستل پنجن مھينن جي پٽ کي مٿي ٿي ھٿ لاھي ا جي موجودگي ءَجي احساس مان پڪ ورتائين ۽ ان جي حفاضت جو من ئي من ۾ وچن ڪيائين.

گگھ اوندھ  ۾ سمينا اکيون جو کوليون تھ اکين آڏو ترورا اچڻ لڳس. ھن ترورن ۾ سندس پيءُ جي موت واري سموري ڪٿا ھڪ ڀيرو ٻيھر ڏسڻ شروع ڪئي. ٽي چار سال اڳ سمينا جي پيءُ جو لاش جھنگ مان مليو ھو. ھو رات جو پاڻيءَ جي واري تي ويل ھو جنھن کان پوءِ ھو سموري رات گھر واپس نھ آيو ھو. صبح ٿي تھ معلوم ٿيو تھ ان جو لاش پير واري جھنگ ۾ مليو آھي. خون ڪنھن ڪيو ھو ڪنھن کي خبر نھ پئي پر ھڪ ڳالھھ ضرور فھلجي وئي تھ پير ۾ جيڪو پراڻو بڙ آ ان ۾ ڏائڻ جو آستانون آ جنھن پڪ سان ولوءَ کي قتل ڪيو آ! ان بڙ مان رات جو ٻارن جي روئڻ جون آوازون  بھ تھ ڳوٺ وارن ھر ستاوينھي جي رات تي ٻڌيون آھن. ولو جي پاڻيءَ جو وارو بھ تھ ستاوينھي جي رات تي ھيو نھ؟! ڇو جو وليد عرف ولو جي زمين جو پاڻي پير واري واٽر تان ايندو آ، پڪ سان پير وٽان گذرندي ھن ٻارن جون رڙيون ٻڌيون ھونديون ۽ ھيءَ اوڏانھن ڪاھي پيو ھوندو ۽ ائين ڏائڻ جو شڪار ٿي ويو!

ڏسندي ئي ڏسندي سمينا جي ذھن ۾ ڪيڏي مھل اھي ڳالھيون گھر ڪري ويون ھون ڪنھن کي خبر نھ پئي. سمينا کي شاديءَ کان پوءِ جڏھن احسن ڃائو تھ ھن پيڪي اچڻ  کان سخت انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پر ڪجھ مھينن کان پوءِ ماءُ جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري سمينا نيٺ ڳوٺ واپس آئي. پر ڳوٺ اچڻ کان اڳ سمينا پاڻ کي پوري طرح سان مطعمئن ڪري ڇڏيو ھو تھ ڏائڻ جھڙي ڪا بھ آفت ناھي ھوندي. ڏائڻ بس ديو مالائي ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار آھي جيڪو ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ ٻڌايو ويندو آھي. سمينا جي نظر ڳوٺ ايندي جيئن ئي پير تي پئي تھ ان کي سندس پيءُ جي مرڻ جي ڪارڻ جون سموريون ڳالھيون ھڪ ڀيرو ٻيھر ذھن ۾ واپس اچڻ شروع ٿي ويس پر من ئي من سمينا انھن کي منڃڻ کان سخت انڪار ڪري چڪي ھئي.

سمينا جيئن تيئن ماءُ وٽ ٻٽي ڏينھن گزاريا پر جيئن جيئن راتيون گذرڻ لڳيون تيئن سمينا کي ڏائڻ جو خوف وڌيڪ پريشان ڪرڻ لڳو. گدڙ جي اوناھئين تي احسن کي جاڳ ٿئي يا ڪتن جي ڀئونڪڻ تي پاڻ اٿي پئي تھ ھوءَ پوري طرح سان خوف ۾ وٺجي پئي وڃي. سمينا ھڪ ٻھ دفعا ماءُ سان حال اورڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري ماءُ جي ناساز طبيعت ڪري خاموش ٿي وئي.

ڪجھ راتين کان پوءِ نيٺ اڄ ستاوينھين جي رات بھ اچي وئي جنھن رات چنڊ آسمان ۾ اڻ لڀ ھو. چنڊ نھ ھئڻ ڪري تارا تھ چٽا ھئا پر ڌرتيءَ تي اوندھ پنھنجو قبضو ڪيون ويٺي ھئي. سمينا جيڏي مھل ڏٺو تھ اڄ چنڊ آسمان ۾ موجود ناھي تھ ان جو خوف وڌي ٻيڻون ٿي ويو. ان کي ھاڻ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ئي پڪ ٿي وئي ھئي تھ ڏائڻ ننڍڙن ٻارن جو شڪار ڪندي آھي. ھو رات جو ڀت ٽپي، گھر ڀاتين تي ننڊ جو جادو ڪري ٻارن کي چوري ڪري ويندي آھي. سمينا جو خوف ايترو تھ وڌي ويو ھو جو ھوءَ صبح سويل واپس ساھرن ڏانھن وڃڻ پئي چاھي. پر صبح ۾ اڃان وقت ھو. سمينا تارن سان گڏ جاڳندي رھي. ڪجھ راتيون صحيح سان نھ سمھڻ ڪري اڄ مٿي ۾ سور بھ اچي پيو ھيس ۽ رکي رکي جھوٽا ائين جيئن ھوا ڪريل پن کي پاڻ سان کڻي وڃي ائين سمينا کي بھ ننڊ طرف رکي رکي سٽ ھڻن پيا پر احسن جي ڀر سان سمھيل ھئڻ ڪري ھن ننڊ آڏو ھار نھ مڃي.

سمينا مٿن کان پيل پوتي کڻي نرڙ تان پگھراگھيو ۽ رنڌڙي طرف ھلڻ لڳي. سمينا جيئن ئي رندڙي ۾ داخل ٿي تھ ڪا شئي رندڙي مان نڪري ڀڄڻ لڳي ۽ سمينا جي پيرن سان وڃي ٽڪرائي. لسڙي ڀت سمينا کي خوف و حراس ۾ ويڙھي ڇڏيو. سمينا زور سان وڃي پوئتي ڪري ۽ رڙيون ڪري ماءُ کي سڏ ڪرڻ لڳي پر نھ سندس ماءُ جواب ڏنس نھ ئي ڀاءُ ننڊ مان اٿيس. سمينا جي رڙين کان پوءِ گدڙن جون اوناھيون اچانڪ غائب ٿي ويون. پري کان ڪتن جي ڀئونڪڻ جو آوا زبھ خاموشيءَ جي غلاف ۾ ويڙھجي ويو ھو. نم جا پن چرڻ کان لاچار ھئا. ھوا زمين تي پٿر جيان ڪري پئي ۽ ٻيھر اٿي نھ پئي سگھي. خاموشي، ٻوسٽ، ۽ اوندھ ۾ سمينا جو تيزيءَ سان ساھ کڻڻ ۽ سيني ۾ دل جي ڌڪ ڌڪ جي آواز ماحول  ۾ شور جي جاءِ وٺي ڇڏي ھئي.

سمينا ڳيت ڏئي زمين تان اٿي ۽ تڪڙي رنڌڙي ۾ وڃي ميڻ بتي ٻاريانئي. ميڻ بتيءَ جي روشني سمينا جي بت ۾ نئي جان ڦوڪي ڇڏي ۽ ان جي وشنيءَ سان سمينا ۾ نئي ھمٿ جنم ٿيو. ھوءَ تڪڙي تڪڙي احسن طرف وڌڻ لڳي.ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ احسن سڪون سان ستو پيو ھو. سمينا ھاڻ ڪجھ سامت ۾ آئي سو وري  ماءُ کي اٿارڻ لاءِ ان طرف وڌڻ لڳي.

سمينا ماءُ کي زور سان لوڏڻ لڳي ۽ امان ڪري سڏ ڪرڻ لڳي پر ڪو جواب نھ مليس. نيٺ ماءُ مان اميد لاھي ڀاءُ طرف وڌي. ميڻ بتيءَ جي ھلڪي ڳاڙھي روشنيءَ ۾ سمينا   ڀاءُ جي کٽ طرف وڃڻ لڳي. جيڏي مھل جو سمينا ڀاءُ جي ويجھو ٿي تھ ڏٺائين ان جي وات مان اڇي گف ٻاھر نڪري رھي ھئي. سمينا کان شرڪ نڪري ويو ۽ ادا ڪري ھوءَ ڀاءُ طرف ڊڪڻ لڳي. سمينا جي آواز تي ڀاڻس اکيون کوليون پر کولڻ شرط ان جو بت جيئن مڇي پاڻيءَ مان ٻاھرنڪري فٿڪندي آ ائين فٿڪڻ شروع ٿي ويو. سمينا زور سان ڀاءُ کي سڏ ڪرڻ لڳي پر ڀاڻنس جواب ڏيڻ کان اڳئي بيھونش ٿي ويو.

سمينا ڀاءُ جي اھڙي حالت ڏسي  ماءُ طرف ڊڪڻ لڳي ۽ زور زور سان امان ادا کي الائي ڇا ٿي ويو اٿي ڏس ! چوڻ لڳي. پر سندس ماءُ ننڊ مان نھ پئي اٿئي. سمينا لاچياريءَ واريءَ حالت ۾  محسوس ڪيو جھڙو ڪا شئي ان جي پويان بيٺي ھجي. سميان خوف وچان پوري طرح سرد ٿي وئي ۽ ڳيت ڏئي پوئتي فرڻ لڳي.

سمينا جيئن جو پوئتي منھن ورائي ڏٺو تھ اتي ڪا شئي نھ ھئي! پر، جيڏي مھل زمين تي ڌيان ڪيائين تھ مٽيءَ ۾ سنھڙا ۽ ڊگھا پير ڇاپيل ھئا. سمينا پير جيئن ڏٺا تھ ميڻ بتي جي ڪوسي ميڻ آنڱوٺي تي اچي ڪريس ۽ ھٿ مان ميڻ بتي  ڇڏائي ونڃي ھيٺ ڪري. اوندھ ھڪ ڀيرو ٻيھر سمينا جي وجود کي پاڻ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. گدڙن جون  اوناھيون ٻيھرماحول ۾ گونجڙ لڳيون. گدڙن جي ريس تي ڪتن ۾ بھ  شور مچي ويو. زور سان نم جي وڻ مان ھوا سيسٽ ڪري اڏامڻ لڳي. سمينا جو پھگر سڪي خشڪ ٿي ويو ۽ اوندھ جي ڪاري چوغي ۾ احسن جي روئڻ جو آواز ۽ پايل جي ڇم ڇم سمينا جي وجود تي کنوڻ جيان ڪرڻ لڳي. احسن جي روئڻ تي سمينا  احسن طرف ڊڪ ڀري پر اوندھ ۾کٽ جي پائي ۾ ٿاٻڙجي پئي. سمينا وري کٽ جي ٻانھينءَ ۾ ھٿ وجھي اٿڻ لڳي ۽ احسن کي ھند تان کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر اوندھ ۾ سمينا کي احسن اتي موجود نھ مليو. احسن جي روئڻ جو آواز اتھان ئي پئي آيو پر اھو اتي نھ ھئو. سمينا ھند تي ھٿن سان احسن کي ڳولھڻ لڳي پر ھند کالي ھئو .سمينا محسوس ڪيو تھ احسن جو آواز پري ٿيندو ٿو وڃي.

احسن جي روئڻ جو آواز ۽ پايل جي ڇم ڇم ٻاھرئين دروازي طرف وڌڻ لڳا. سمينا آواز جو پيڇو ڪيو ۽ احسن... احسن.. سڏ ڪري دروازي طرف ڊڪڻ شروع ڪيائين. سمينا اوندھ ۾ ھٿن کي آواز ڏانھن اڳتي وڌائي  احسن کي کسڻ جي ڪوشش پئي ڪري پر اوندھ کالي ھئي. ان ۾ احسن نھ ھو. سمينا آواز طرف ھلندي رھي ۽ نيٺ وڃي سمينا جي ھٿن ڪنھن وجود کي پڪڙيو. ھي احسن نھ ھو. ڪنھن عورت جي مٿي جا وار آھن. سمينا جا ھٿ دروازي مان ٽپي ڪنھن عورت جي مٿي ۾ وڃي پيا ۽ سمينا جو سمورو ساھ اتي سڪي ويو. سمينا ٺلھ بڻجي بيھي رھي.

سمينا ھوريان ڪري ھٿ پوئتي ڪيا تھ ھلڪي اڇي روشني سامھون وارن تي ظاھر ٿيڻ لڳي. سمينا اکين تي زور ڏئي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ ڊگھي مائي جنھن جو منھن وارن سان ڍڪيل ھو. ھنج ۾ احسن کنيون بيٺي ھئي. ھٿن جا نھن وڏا ۽ ميرا ھيس. پيرن ڏي ڏٺائين تھ پيري اگھاڙي بيٺي ھئي. سمينا کان ازخود لفظ ڏائڻ نڪري ويو. سمينا ڏائڻ... ڏائڻ... منھنجو پٽ کڻي وئي ڏائڻ ...ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي . پر ڪو بھ سڏ تي نھ آيس. نيٺ ڏائڻ  در مان اڳتي وڌي ۽ سمينا  کي  زور سان ڌڪو کڻي ڏنائين ۽ سمينا بستر تي شرڪ ڀري جاڳي پئي.

No comments:

Post a Comment