Friday, October 16, 2020

پھريون عشق

پھريون عشق

ذيشان علي سولنگي


 ھوءَ ٿورو سري، ۽ منھنجي ويجھو اچي ويٺي. 

ھن جون اکيون ڀوريون ھيون، جنھن ۾ مان پاڻ کي صاف ڏسي رھيو ھيس.

ھن جي ڳچيءَ جو پگھر منھنجي ساھن ۾ زلزلو برپا ڪري رھيو ھيو. پگھر، ٻرندڙ لاوا، اندر جي آھ جي گرميءَ ۾ رجي ڳچيءَ تي اچي پھتو.



ھو ٿورو وڌيڪ سُري، ۽ منھنجي چپن تي چپ رکيائين، مان شرڪ ڀريو، ٿورو پوئتي ٿيم.

عجيب ھيو سڀ ڪجھ. ان کان پھريون فقط فلمن ۾ ئي اھڙو ڪجھ ڏٺو ھو.  

منھنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي چڪي ھئي. ھن پنھنجو ھٿ منھنجي ڪياڙيءَ کان ڏئي ھڪ ڀيرو ٻيھر چپ، چپن تي رکيا ۽ ٻئي پوپٽ بڻجي ويا سين. چپ گلاب جا گل جن تي سياري جي پھرين شروعات جي پيل ماڪ.  ۽ انھن ۾ شامل چپن جي رس پيئڻ شروع ڪئي.

ٻنھي ۾ زندگي جاڳي پئي. چپ سرخيءَ سان لال ٿي ويا. مون ھن جي ڪنڌ کي چميو ته ھن جي اندر مان پگھر نڙيءَ کان ٿيندي ڇاتيءَ تي وڃي پيو.

نرگس ۽ مان نانگ جيان ھڪ ٻئي سان چنبڙي پيا سين. 

مان ھن جي ڪنڌ کي چميو ھن منھنجي نڙيءَ تي پئي مٺيون ڏنيو. بستر تي ٻئي ھڪ ٻئي سان ساھَ ونڊي رھيا ھئا سين. ساھ زندگيءَ جي علامت، زندگي ڏکن جي علامت، ڏک محبت جي علامت، محبت چپن جو انعام.

ھن منھنجي شرٽ جا بٽڻ کوليا، ۽ مون ھن جي چيلهه تائين ھن جي جسم کي بند رکندڙ زنجير کي کوليو. جسم نروار ٿي پيا.  روح ساھن ۾ اچي گھر ڪيو. رات اگھاڙي ٿي پئي. مان ۽ نرگس جسم جو وڳو پاتو. 

مون ھن جي ڇاتيءَ تان پگھر چميو، ۽ ھن جي پيٽ جي ڪن ۾ زندگيءَ جون موجون ماڻيون.

ٻڏڻ ۾ به پنھنجو مزو آ. پاڳل پن، چريائپ، ڪجھ نه نظر اچڻ وقت سڀ وائکو ٿيڻ. عجيب عشق آ، حاصل ٿئي ته جسمن جي گھرج، نه ٿئي ته روح جي اڃ. 

جسمن جو ھڪ ٿيڻ، دنيا جي گھرج، گھرج نه ختم ٿيندڙ اونداهي، ڪير نٿو لنوائي سگھي ان کان. 

ھن جي دل جي ڌڪ ڌڪ جي لرزش ھن جي جسم کي لوڏي ڇڏيو ھو، ساڳي حالت مون سان به ٿي ھئي. 

ڪاليج کان وٺي ھن سان چاھ ھو. پھريون ته ھوءَ بہ ليکيندي نه ھئي پر وقت سان ھن به چاھ ونڊڻ شروع ڪيو.

يونيورسٽي جي چونڊ به ٻنھي گڏجي ڪئي ھئي، بس ڊپارٽمينٽ ساڳيو نه !

پر ھاڻ ملڻ ممڪن ۽ چمڻ واجب ٿي پيو ھيو. پر ساھن جي ڏي وٺ..... ڪڏھن سوچيو نه ھو. 

ھڪ ڏينھن گڏجي سينيما ڏسڻ جو پلين ٺاھيو ۽ اتان کان ئي ھڪ ٻئي کي وڌيڪ سوچڻ جي خواھش جاڳي. 

خواھشون به صرف ساھن سان ٽٽڻ سان ئي کٽنديون آھن. اسان به ساھن ٽٽڻ تائين ساٿ رھڻ جو وچن ڪيو.

ھڪ ٻئي کي بستر تي خوب چميو ۽ پوءِ ان دنيا ۾ داخل ٿيا سين جا عشق جي انتھا ھوندي آ.

ڪجھ ئي وقت ۾ سڀ موسمون گڏ ٿيو ويون.

سڀ پوپٽ، پکي، حيوان گڏ ٿي ويا.

ھن دنيا مان ڪجھ وقت لاء سيڪس جي ٻيڙيءَ اسان کي به ٻين وانگي تلسمي دنيا ۾ پھچائي ڇڏيو. 

تلسمي دنيا،. خواب، خواب، پورو ٿئي ته حقيقت، نه ٿئي ته خيال. 

خيال زندگي ۽ زندگي سيڪس لڳڻ شروع ٿي.

سيڪس جو تلسم ٽٽو ته دنيا ۾ ڦھڪو اچي ڪيو، اگھاڙپ جي بوءِ اچڻ شروع ٿي. ڪپڙا پھريا ۽ چانھ گھرائي. 

عشق ۽ چانھ لاجواب ڪامبينيشن، جيئن سرخي ۽ چپن جو....!

صبح ٿيو ته رات جا نشا لٿا، نرگس ساھيڙي ڏانھ رواني ٿي، ۽ مان ھاسٽل طرف.

محبت رات جي ماتحت پئي لڳي ۽ عشق آوارا رولاڪ.

زندگي بهار ھئي، جواني گلاب، ۽ روح پوپٽ.

مان آدم ۽ ھوءَ حوا..........


3 comments: