Saturday, December 26, 2020

نثري ٽڪرا (باھ)

باھ

ذيشان علي سولنگي


ڳوٺ جي پوھ پاري ۾ اڱڻ تي ٻرندڙ باھ ۾ جلندڙ جواني ۽  رک ٿيندڙ احساسن جي ڪنھن اڻ تڻ ۾ اڄ به تون با سلامت آھين. توکي وسارڻ جي خوب ڪوشش ڪئي پر سياري جي ٿڌي ھوا ٽانڊن کي ٻيھر ھوا ڏئي زخمن کي تازو ڪري ٿي وڃي!




آگ جا اولا تنھنجي ھلڪي ناسي-ڪارين اکين جا ڏيک ڏئي انھن ۾ اھو پھريون ڀيرو عشق جو ڪچو گھڙو کڻي لٿل سھڻي جي سير ۾ ٻڏڻ واريون يادون تازيون ڪري ڇڏيو آھن.


ھوا جي ھلڪي جھوٽي تي باھ جون لپٽون به تنھنجي ڪنڊيءَ وارن واسينگن جيان ڏنگن ٿيون.


ڪافي دير تائين ٻرڻ کان پوءِ باھ جو جسم بہ تنھنجي سنھڙي چيلھ جيان لوڏ ھڻي رھيو ھو. 


دونھين ۽ آگ جو سنگم پنھنجي پھرئين پيار جيان ھڪ ٻئي سان کيڏي رھيو ھو. 


ھلڪي اتر جي ھوا پاري ۾ اضافو ڪري رھي آھي ۽ وسامندڙ بي-ساھ ٽانڊا پنھنجي ارمانن جي تشبيھ ڪري رھيا آھن.


خاڪ ھوا جي جھوٽي تي اڏي رھي آھي ۽ ننڊ تنھنجي خيالن تي پردو رکي رھي آھي. پر انھن ۾ به ھلڪي گرمي جا ڪنھن به گھر کي تباھ ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي سا مون کي خوابن ۾ ساڙي رھي آھي.


خيال عذاب جي ٻي صورت ھوندا آھن.

No comments:

Post a Comment