Friday, April 30, 2021

خودڪشي

ذيشان علي سولنگي

______________________________________________________________

تون خود ڪشي پيو ڪرين ؟

ڪنڊ ۾ هڪ رسي پيل هئي. ان کي کڻي ڇت ۾ لڳل پکي ۾ ويڙهيم ۽ ڦاهي ٺاهي ڳچيءَ ۾ وڌم پئي ته سامهون هڪ قداور شخص ظاهر ٿيو ۽ پڇڻ لڳو ته ڇا مان خود ڪشي ٿو ڪيان ؟ ڀلا ڪنڌ ۾ رسو ڪو لڏڻ لاءِ ته ناهي وجهندو! هائو مان خودڪشي پيو ڪريا ! مون ڪاوڙ ۾ هن جي منهن ڏي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي چيم. هن جو چهرو ڏسڻ مشڪل هو، سڄو ڪنهن بلب جيان ٻري پيو، منهنجي اکين ۾ ايتري وسعت نه هئي جو ان کي مان ڏسي سگهان. شايد سج کان روشني وٺي آيو هو، يا مڄاڻ ان جو ڪو پٽ هو..........

تون خودڪشي ڇو پيو ڪرين ؟ هن ٻيهر سوال ڪيو ته چيم، پيءٌ ماءٌ جي خواهشن جو پورائو نٿو ڪري سگهان ان لاءِ.... منهنجو سوال ٻڌي هو خاموش رهيو.

هن منهنجي ٻانهه مان وٺي زور سان سٽ ڏني ته هڪ نوجوان جي سامهون وڃي کڙو ٿيس. هن وري ان شخص کان سوال ڪيو ته هن خود ڪشي ڇو ڪئي !؟  نوجوان چوڻ لڳو، ’’ آءُ هن جي عشق ۾ خود ڪشي ڪئي آ، هن کي مان چيو هم ته مان توکان سواءِ مري ويندس، پر هن کي يقين نه پئي آيو سو مان خودڪشي ڪري ڇڏي.‘‘

هن جي جواب ٻڌڻ شرت روشني جي قداور گولي، هن جي سيني تي زور سان لت جو  هئين ته هن سان گڏ اسان به اچي دنيا ۾ پرڪٽ ٿيا سي. هي جاءِ هن جي محبوبا جو گهر هئو، ۽ هن جي جهولي ۾ هڪڙو ٻار هو جنهن سان سندس چهري تي چوڏينهن جي چنڊ واري چمڪ پئي آئي.

محبوبا کي ڏسي روشني جي گولي هن کان سوال ڪيو ته، هي ته توکان سواءِ خوش آهي! تنهنجي خودڪشي جو ته ڪو فائدو ئي نه ٿيو ؟ هن جي اهڙي سوال تي همراهه ڪجهه نه ڪشيو ۽ خاموش رهيو. پر هن جي منهن جي تاثرات سان پتو لڳائي ٿي سگهيم ته هو ڪجهه مايوس پئي لڳو جو پهريان هن جيئن جو محبوبا کي ڏٺو ته گل وانگي ٽڙي پيو هو.

روشني جي گولي هن جي ٻانهن مان وٺي وري سٽ ڏني ته هن دفي هن جي گهر وڃي بيٺا سي.

نوجوان جي ماءُ کٽ تي ويٺي ڪجهه چپن ۾ پئي ڀڻڪيو. هن جي ڀيڻ سندس ڪمري ۾ پنهنجي خواهشن سان گڏ ڪي خواب ٿي سبيا. نوجوان جو پيءُ ڪجهه دوائون وٺي گهر اندر داخل ٿيو ته نوجوان جي ماءُ کٽ تان اٿي دروازي طرف ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ رڙ ڪري نوجوان جو نالو پڪاريو، ٻچا سرفراز اچي وئين تون! ماءُ جي اهڙي سڏ تي نوجوان ڊڪي وڃي هن کي پٺيءَ کان هٿ ڏنو ته هٿ هن جي ماءُ جي آر پار ٿي ويو !

روشني جي گولي زور سان ان نوجوان کي لت هڙندي چيو، ’’هاڻ تون بيبس ۽ لاچار آهين، هاڻ چاهي به تون پنهنجي ماءُ جي پيڙا جو ڪجهه نٿو ڪرين سگهي، جڏهن ته تون خود ان جي پيڙا جو ڪارڻ آهين....‘‘ ۽ نوجوان اتهان غائب ٿي ويو.

روشني جو گولو مون کي وري هڪ ٻئي نوجوان وٽ وٺي آيو ۽ ان کان وري ساڳيو سوال ڪيائين ته تو خود ڪشي ڇو ڪئي....؟

نوجوان چيو ته، ’’ بابا چاهيو پئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان، مون پوري ڪوشش ڪئي پر مان ناڪمياب ٿيس ۽ ان ئي صدمي مون کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو! ‘‘

روشني جي گولي وري ٻانهن مان ورتو ۽ سٽ ڏني ته هڪ وڏي دڪان تي پهتا سي جتي ان نوجوان جي شڪل جو همشڪل ويٺو هو. ان کي ڏسي نوجوان سوال ڪيو ته هي ڪير آ منهنجي بت ۾ ؟... روشني جي گولي چيو ته هي تون آهين، خودڪشي کان ٻه سال بعد !

پر مان ته مري چڪو آهيان...!؟ نوجوان حيرت مان اچي پڇيو ته ايتري ۾ ان وقت دڪان ۾ هڪ جهونو داخل ٿيو جنهن ان ويٺل همراه کي چيو ته گهر تنهنجي زال توکي پئي ساري وڃ پڇي اچيس ته ڇا ڪم اٿس.... نوجوان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو ته ڏڪي ويو وري مٿان ان جي زال جو سڏ ڪرڻ، نوجوان پريشان ٿي ويو ته هي آخر ٿي ڇا رهيو آهي!

روشني جي گولي ان جي پريشاني ڏسي چيو ته، ’’ هي اهو تون آهين جنهن پنهنجي پيءُ کي سڀ حال ٻڌايو ۽ اڄ تون ۽ تنهنجو خاندان، سڀ خوش آهيو پر هاڻ اهيو ممڪن نه آهي، ڇوجو تون اهي سڀ دروازا پاڻ لاءِ پاڻ خودڪشي ڪري بند ڪري ڇڏيا آهن....

روشني جي گولي وري ٻانهن مان وٺي هڪ ٻئي نوجوان وٽ آيو. هي نوجوان شانت، صفا جبل جيان اسٿر هو.  روشني جي گولي وري هن کان ساڳيو سوال پڇيو !

نوجوان چوڻ لڳو ته ’’ زندگيءَ کان ٿڪجي پيو هيس. هن جا ظلم سهڻ جي سگهه نه هئي. بس اهيا ئي وجهه هئي.‘‘

 هن جيئن ئي ڳالهه پوري ڪئي ته روشني جي گولي هن کي ڌڪو ڏنو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي آڏو اچي ڪريو. هن جو پيءُ تتيءَ تائيءَ ۾ مزوري ڪري رهيو هو. وري سٽ ڏنائينس ته هن جي زال پاڙي واري گهر ۾ ٿانو ملي رهي هئي ۽ ان گهر ۾ هڪ نوجوان ان جي ڇاتيءَ کي غور سان ڏسي رهيو هي. وري سٽ ڏنائينس ته هو پنهنجي پٽ جي مٿا وڃي بيٺو جت هن جو پٽ چند پيسن عيوض ڪنهن ماڻهو سان گڏ ان کي خوش ڪرڻ لاءِ پئي ويو.

هي سڀ تنهنجي خودڪشي کان پوءِ جا منظر آهن. جيڪڏهن تون زنده هجي هان ته تنهنجي زال گهر ۾ ويهي رلهي سبي هان پئي، تنهنجو پيءُ اڪيلو نه ڪمائي ها ۽ تنهنجو پٽ پيسن لاءِ جنهن تنهن سان نه سمهي هان ! اهيو سڀ تنهنجي مايوسي جو نتيجو آهي. هاڻ ان جي سزا تون ته ڀوڳيندي پر تنهنجا گهر ڀاتي به ان مان آجها نه رهندا...... ۽ روشني جي گولي سٽ ڏني ته مان ان ٽيبل تي اچي پهتس جتي آءُ بيهي خودڪشي جو پيو سوچيان.

مان اڃان ان نوجوانن جي ڪشمش ۾ ئي غائب هيم ته روشني جي گولي منهنجي پيرن هيٺا رکيل ٽيبل کي لت کڻي هيائين ته مان وڃي زمين تي ڪريس !!!

اکيون مهٽي هيڏي هوڏي ڏٺم ته بستر کان هيٽ پيل هم، فون چيڪ ڪيم ته ڏينهن جا ڏهه ٿي ويا هئا، ڇت ۾ ڏٺو ته پکو آزاد پئي ڦريو، ٽيبل تي ڪجهه بسڪوٽ ۽ ٻه چانهن جا ڪپ پيل هئا. ڪنڊ ۾ جهاتي پاتم ته رسي موجود نه هئي. منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز پئي ڊوڙي، نرڙ تان پگهر جاري هو، ڀرسان پيل بستر تي ڏٺم ته منهنجا دوست ڪڏهوڪا يونيورسٽي طرف نڪري ويا هئا............


12 comments: