Sunday, September 19, 2021

حال سڀ ڪجهه آهي، موت مسقبل جو ٻيو نالو آهي

ذيشان علي سولنگي



اسان جو حال، ڏينهون ڏينهن، ماضي ٿيندو پيو وڃي. اسان لاءِ حال فقط مستقبل لاءِ سوچڻ جي مهلت بڻايو ويو آهي. اسان لاءِ حال مستقبل لاءِ آخري وقت آهي، الٽيميٽم آهي جنهن ۾ اگر اسان مستقبل لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته اسان جي ڄمڻ جو ڪو مقصد، ڪو مطلب نه آهي. حالنڪه، سڀ حال ۾ ئي مري ويندا آهن! ڪير ٿو مستقبل ۾ وڃي فوت ٿئي!؟ سڀ اڄ ۾ مري ٿا وڃن. مستقبل ته بس هڪ ڌوڪو آهي ته جيئن متان ڪوئي حال کي سڃاڻي بغاوت نه ڪري وجهي. متان ڪو اهيو سوچي ته سڀاڻي ڪجهه نه آهي. سڀ ڪجهه حال آهي، پيار به حال آهي، نفرت به حال آهي، دشمن به حال آهي، دوست به حال آهي. جو اڄ ڄائو سو اڄ مري ويندو. حال هڪ طويل صفر آهي. رات کان پوءِ ڏينهن آهي، رات ۽ ڏينهن حال آهي. مستقبل خيال آهي، جيڪو ڪنهن نه ڏٺو آهي. اسان ننڊ ڪري اٿئون ٿا ۽ وري اتهان کان شروع ٿا ٿيون جتي ڪلهه ستا هئا سي. ڪلهه جيڪو ٿيو هو سو ماضي آهي، اڄ جيڪو آهي سو حال آهي. وري سڀ ماضي ٿي ويندو ۽ حال وري واپس ايندو. ماضي گذري ٿو وڃي. پاڻي جبل تان سمنڊ طرف وڃي ٿو. وهندڙ پاڻي زندگي آهي. جتان هيٺ لٿو اها جاءِ ماضي آهي. جنهن رستي تي هلي ٿو سو حال آهي. هاڻ سڀ چوندا ته اهو مستقبل ۾ داخل ٿيندو جڏهن ته رستو ساڳيو آهي. اگر ڪٿي کڏو، کٻو آهي ته ڪجهه پاڻي اتي رڪجي ويندو. جيڪو کڏو آهي سو موت آهي. هلندڙ پاڻي حال ۾ ئي صفر ڪندو رهي ٿو ۽ جڏهن موت اچي ٿو ته اهو به حال ۾ ئي اچي ٿو. رستي ۾ جذب ٿي ويل پاڻي ڪڏهن به سمنڊ ۾ نٿو پڄي. هو حال ۾ هلي ٿو ۽ حال ۾ مري ٿو وڃي. پر سمنڊ جي چڪر ۾ هن رستي ۾ ايندڙ سڀني پاڻ کان ڪمزور شين کي ڀوري، ڊاهي، نست وه نابود ڪري هلندو هلي ٿو. مستقبل جي گوهه ۾ به اسان به ڪيترا احساس، پنهنجا توڙي ٻين جا وساري، لتاڙي، معاف ڪرائي اڳتي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ بعد ۾ ڇا ٿو ملي اسان کي، فقط موت. مستقبل فقط موت آهي. اهو اٽل آهي، موت اٽل آهي، ان کان انڪار زندگيءَ جي توحين آهي، موت تي يقين ئي مستقبل تي يقين آهي. مسقبل ۽ موت ٻئي اٽل ۽ اوچتو ظاهر ٿيندڙ شيون آهن. انهن کان پهريون مسقبل نروار ٿئي ماضيءَ کي ياد ڪري حال ۾ خوش رهو. حال ئي مون ۽ توهان وٽ آهي. جيڪو چوي ٿو مستقبل لاءِ ڪوشش ڪيو اصل ۾ اهو ڀاڙيو آهي. اهو ڊڄڻو آهي. حياتيءَ کي اهو ڏائڻ ٿو سمجهي. جنهن جي نظر ۾ ان ڏائڻ کي مارڻ لاءِ مستقبل جي روشني ضروري آهي پر اها ڪنهن ڏٺي آهي؟ اهو ڀاڙي آهي. ان وٽ حال ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ئي ڪون يا اهو حال ۾ جيئڻ لاءِ لائق ئي نه آهي تڏهن هو موت جي ڳولها ٿو ڪري. ڪنهن نه ڪنهن بهاني زندگيءَ مان جان ڇڏائي ٿو. اوهان اهڙن تي ڌيان نه ڏيو. جيڪو ڏينهن اوهان لاءِ اڀريو آهي ان ۾ ڪوشش ڪيو ته خوش رهو. سونهن جي عبادت ڪريو. دشمن کي معاف ڪيو. دوست کي ڳل لايو. محبوب جون اکيون چمو. ان جا انگ انگل پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. پنهنجي خواهشن ۽ خيالن جي لاءِ ڪوشش ڪيو. ۽ جڏهن رات ٿئي ته محبوب سان پيار ڪريو. ان کي پنهنجو ڪيو. رنج کي ختم ڪيو. تارن کي ڏسي منهن تي مرڪ سجائي الودائي جو سلام ورائي پرسڪون ٿي سمهي پئو. موت اوهان جو مستقبل آهي. جڏهن اهوايندو ته حال ۽ ماضي بي مطلب ٿي پوندا. اوهان هتي نه هوندا. هتان واري شئي اوهان لاءِ بيڪار ٿي پوندي. اوهان جي سموري محنت ماضيءَ جي ڪنهن تهخاني جي ڪنڊ ۾ پئي رهندي. پر اوهان نه هوندا، اوهان پاڻيءَ وانگي حال جي رستي ۾ جزب ٿي ويا. سمنڊ اوهان کان ڏور رهجي ويو. اوهان جو طويل صفر اوهان لاءِ ڪنهن ڪم جو نه رهيو. ڪاوڙ، ڪروڌ، نااميدي، اڻ پوري ننڊ اوهان جا مقدر بڻجي ويا. انهي لاءِ حال کي اپنايو ۽ زندگيءَ کي پرسڪون ٿي گذاريو. خوش ٿي مسقبل جي آجيان ڪيو. ان جي آجيان لاءِ منهن تي مرڪ سجائي رکو. ائين نه ٿئي ته اوهان ڪروڌ ۽ نا اميديءَ جي مرض ۾ ئي مري وڃو!

No comments:

Post a Comment