Thursday, September 9, 2021

گلَ ۽ پوپٽ

ذيشان علي سولنگي

منجهند کان وٺي  تيز اتر جي هوا وڻن کي پنهنجي آڏو جهڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي هئي. جيو، جنتو، انسان حيوان سڀ پنهنجي وجود جي بقاءَ کي بچائڻ ۾ رڌل هيا ته اوچتو، محسوس ٿيو ته منجهند کان وٺي سڀين جي ساهه جي ويري، هلندڙ هوا نيٺ ٿڪجي پئي ۽ ساهه پٽڻ لاءِ جهڪي ٿيڻ لڳي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي هوا جو هڪ الڳ روپ ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو. سڀ ڪجهه خاموش، وڻن جا پن، پٿر جيان هڪ هنڌ ڄمي ويا آهن. مٽي زمين تي بي ساهي لڳي پئي آهي. ڀر سان هڪڙي گهر جي آڳر جي وٽ ۾ لڳل گلن جي پاڙ مان هڪ پوپٽ، هوريان هوريان، لڳل ٻوٽن جي پنن تي چڙهي آسمان طرف ڏسڻ لڳي ٿو ۽ ٿڌو ساهه ڀري، گلن جو شڪر بجا آڻي ٿو ته ”مهرباني اي محسنو، جو اوهان پنهنجي آغوش ۾ مون ننڍڙي جيت کي هن خوفناڪ هوا کان محفوظ رکيو آهي...“ پوپٽ گلن جي ڪيل مدد جي مهرباني جا ڳڻ ڳايا ئي پئي ته اوچتو هڪ ٻوٽي مان آواز آيو ته ”ڪير آهين اي بدذات جيت...!؟“ ٻوٽي جي ڪيل گجگوڙ جهڙي آواز جي خوف تي پوپٽ زمين تي پٺيءَ ڀر وڃي ڪريو ۽ ان جو هڪ پر ڀڄي پيو. پوپٽ جو پر ڀڄڻ ڪري سندس آهه سڀني ستل گلن کي جاڳائي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ گل مٿان ڏمرجي پيا ته آخر تنهنجي همٿ ڪيئن ٿي اسان جي ننڊ ۾ خلل وجهڻ جي!؟ پوپٽ جو هڪ ته پر ڀڄي پيو هو ۽ مٿان گلن جي ڪاوڙ ۾ ڀريل لهجي آڏو ڪجهه ڪڇي نه سگهيو؛ ان خاموشيءَ جي خال کي هڪ ننڍي گل ڀريندي سڀني کي ٻڌايو ته هي پوپٽ آهي، جڏهن اسان ننڊ ۾ هوندا آهيون ته هي چوري اچي اسان جي رس پي ويندو آهي جيڪا اسان بلبل کي سندس ڪلام ٻڌائڻ خاطر ڏيڻ جو سودو تئي ڪيو هو.



ننڍي گل جڏهن ڳالهه ٻڌائي پوري ڪئي ته سڀين ۾ وڏي گل پوپٽ طرف ڏٺو ۽ سوال ڪيو ته ”ڇا هن گل جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو درست آهي؟“ گل جي سوال تي پوپٽ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ها بلڪل اهيو درست چئي رهيو آهي پر مان چوري ناهيان ڪندو مان ته...“ پوپٽ پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته وچ ۾ هڪ نوجوان گل ڪاوڙ ۾ پوٽ کي ڌڪار واري لهجي ۾ اتهان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻيهر اتي نه اچڻ جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو. نوجوان گل سڀني ۾ خوبصورت ۽ سڀين جو لاڏلو هو جنهن ڪري سڀني گلن ان جي فيصلي جي حق ۾ ڪنڌ لوڏيو.

پوپٽ جڏهن اهيو سڀ ڪجهه ٻڌو ته هو بي انتها روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”اوهان خوش نصيب آهيو جو منهنجي خاندان اوهان سڀني کي زنده رکيو آهي، منهنجي خاندان ۾ سڀين واري واري سان توهان تي ترس کائي توهان جي رس پيئڻ جي بدلي ۾ توهان جي نسل کي محفوض رکيو آهي نه ته هن رڻ پٽ ۾ ڪو پوپٽ ته ورلي ڀلجي اچي ٿو.“ پوپٽ نراش ٿيندي چيو ته ”مان جڏهن ڏٺو ته هن رڻ پٽ ۾ ڪنهن گل پوکيا آهن ۽ ڪٿي سندن اميد ختم نه ٿي وڃي ۽ ڪوئي اڳتي گل پوکڻ جو سوچي ئي نه ته تنهن لاءِ روز ايندو رهيس !“ پوپٽ جي اهڙين ڳالهين تي گل زور زور سان کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته ”اسان کي تنهنجي ضرورت نه آهي، اسان پاڻ پنهنجي حفاظت ڪري ڄاڻائون تون فڪر نه ڪر.“

پوپٽ گلن جي ڳالهين مان ڏاڍو نراش ٿي ويو ۽ هڪ هوا جي ايندڙ جوهي ۾ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو...

پوپٽ جي وڃڻ جي  ٿوري ئي وقت کان پوءِ بلبل به اچي گلن وٽ پهتي. بلبل جڏهن گلن جي بي انداز ٽهڪن کي ڏٺو ته حيران ٿي وئي ۽ پڇڻ لڳي ته آخر ڇا ماجرا آهي توهان ڇاتي ايڏا ٽهڪ ڏئي رهيا آهيو؟؟؟ گلن بلبل جي سوال تي سموري رام ڪٿا ٻڌائي هڪ ڀيرو ٻيهر پوپٽ جي بيوقوفيءَ تي کلڻ شروع ٿي ويا...

گلن جڏهن ڏٺو ته بلبل اداس ٿي وئي آهي ته انهن بلبل کان سوال ڪيو ته آخر تون اسان جي خوشيءَ تي ايڏي غمگين ڇو آهين؟ بلبل ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ”بيشڪ گهڻي سونهن مت کسي ڇڏيندي آهي. ڀلا ستلن کي ڪهڙي خبر دنيا جي وهنوار جي!“ ”مان اداس ان لاءِ آهيان ته اوهان پنهنجي انت کي پاڻ گهرايو آهي. اوهان گلن جي جواني جو سبب اهي پوپٽ اي هوندا آهن. قدرت انهن کي اوهان جي جواني برڪرار رکڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ بدلي ۾ اوهان کي بس ڪجهه ڍُڪَ رس جا ڏيڻا پوندا آهن. ڏک ٿو ٿئي توهان جي مورکائي تي ته توهان هڪ اهڙي علائقي ۾ آهيو جتي پوپٽ ۽ ان جهڙا جيت قسمت سان ايندا آهن. توهان آس پاس غور ڪيو ته خبر پوندي اوهان کي ته هتي توهان جهڙا گل ٻيا نه آهن. خير موت هر شئي جو مقدر آهي.“ بلبل پوپٽ جي حالت تي ڏاڍو غمگين ٿي ۽ گلن کي هڪ ٿڌي آهه ڀريندي ”الوداع اي دوستو!“ چئي اڏامي وئي....

No comments:

Post a Comment